ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ کي ستاره امتياز ،شهيد اجمل ساوند لاءِ تمغه امتياز

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 76 ماڻهن ۾ سول ايوارڊ ورهايا. چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه انتظامي فرائض سرانجام ڏنا. تقريب ۾ صوبائي سيڪريٽرين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي.سنڌ جي گورنر 18 ڄڻن  کي ستاره امتياز، 8 ڄڻن کي صدارتي تمغه حسن، 7 کي تمغه شجاعت ۽ 43 ڄڻن کي تمغا امتياز ڏنو. گورنر سنڌ پروفيسر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر محمد فاروق حسن، ملائيڪا جنيد، ستيش چندر آنند، سائره فرقان، عبدالواحد مسقاتيه، سعيد الله والا، آمنه علي گيني، ڊاڪٽر امان الله قاسم ماڇيرا، عبدالعزيز ميمڻ، ڊاڪٽر سيد ڪليم امام، مروين فرانسز لوبو، مرزا اختر بيگ، محمد عارف حبيب، ڊاڪٽر محمد سهيل خان راجپوت، دريد قريشي، پروفيسر مفتي منيب الرحمان ۽ ڊاڪٽر نعيم الظفر کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو. سنڌ جي گورنر دهائي بائي عرف مائي دهائي، عبدالجبار گل، قادر بخش مٺو، عدنان صديقي، مشڪور رضا خان، شيما ڪرماڻي، نصير بيگ مرزا ۽ افضل احمد سيد کي سٺي ڪارڪردگيءَ تي صدارتي ايوارڊ ڏنو. سنڌ جي گورنر عبدالمالڪ ڀٽو (شهيد)، عبدالمالڪ ڪمانگر (شهيد)، دين محمد لغاري (شهيد)، جتوئي پتافي (شهيد)، محمد سليم چاچڙ (شهيد)، محمد ارشد خان جدون (شهيد) ۽ عبدالناصر کي تمغه شجاعت سان نوازيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر خالد بن شاهين، سيد نقي حيدر نقوي، زيبر امام ملڪ، مرليڌر داواڻي، ڊاڪٽر محمد اجمل ساوند (شهيد)، ڊاڪٽر حسن عمران آفريدي، انور امجد، پروفيسر ڊاڪٽر نديم قمر، پروفيسر ڊاڪٽر ظهير ميمڻ. محمد اقبال آفريدي، ڊاڪٽر ياسر عرف گبول، ڊاڪٽر اويس احمد، ارباب خان کوسو، ڊاڪٽر عاصمه ابراهيم، سيد غالب باقر، غلام عباس خاصخيلي، مشتاق علي لاشاري، بندا علي، محمد رحمت الله خان، خان شاهه نواز ملهي، اي ايس رند، فضاء علي مرزا، ڊاڪٽر سيد عقيل عباس جعفري، علي دوست عاجز، انور سن رائي، ڊاڪٽر مشتاق علي لغاري، زاهد سعيد، سليم رزاق تاباڻي، ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان، فضل ڪريم دادا ڀائي، سيد ظفر عباس، محمد آصف جميل، سيد مرتضيٰ علي شاهه، فاروق محبوب، آفاق احمد قريشي، حاجي مسعود پاريخ، ضياءُ الله خان، حسن قطب الدين سيد، ڊاڪٽر شفقت الله شيخ (مرحوم)، ولايت علي گوپانگ (مرحوم)، ڊاڪٽر قربان علي سومرو (مرحوم) مرحوم، عبدالخالق (مرحوم)، محمد عثمان (مرحوم) ۽ ڊاڪٽر زبيده ستار (مرحوم) کي تمغه امتياز جو اعزاز ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.