اسان وٽ غزا جنگ روڪڻ جو اختيار ناهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل

بيت المقدس(م ڊ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته اسان وٽ اختيار ناهي، اسان اپيل ڪريون ٿا ته جن وٽ  اختيار آهن غزه ۾ جنگ بند ڪن.مصر ۾ رفح ڪراسنگ جي دوري تي گڏيل قومن جي سربراهه چيو ته هو غزه جي فلسطينين جو درد دنيا تائين پهچائڻ لاءِ رفح آيو آهي.هن چيو ته غزه ۾ انساني امداد جي هاڻي پهرين کان وڌيڪ ضرورت آهي، غزه جي سرحد تي امدادي ٽرڪن کي روڪڻ اخلاقي ڪمزوري آهي، اسرائيل کي گهرجي ته انساني امداد کي غزه تائين پهچڻ جي اجازت ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.