ڪراچي (م ڊ) معاشي ماهرن چيو آهي ته جيستائين روينيو خرچ وڌندا رهندا، تيستائين آءِ ايم ايف جا شرط به وڌندا رهندا. ان ڪري صوبن تي بار وڌندو. اهڙو اظهار ٽي وي پروگرام ۾ اينڪرپرسن محسن ٻٻر سان معاشي ماهر ڊاڪٽر رفيق چانڊيو ڪيو. ٽيڪس نيٽ جو ڌاڙو 35 لک واپارين تائين وڌائڻ وڏو ڏکيو ٽاسڪ آهي، ظاهر آهي، اها ذميواري صوبن جي هوندي. آءِ ايم ايف جي شرطن ۾ اين ايف سي جو معاملو به آيو آهي، جنهن ۾ تبديلي نه آڻڻ گهرجي، ان سان هٿ چراند ٿي ته صوبن جو حصو گهٽ ٿيندو. ان جي ڪري تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي شعبن جي منصوبن تي ڪٽ لڳي سگهي ٿو. هن چيو ته واپاري پاڻ تي ٽيڪس جي مزاحمت ڪندا، اهو ڏکيو چئلينج هوندو. ٻيو شعبو ريئل اسٽيٽ جو آهي، جنهن کي به ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ سان اوڳاڙيون بهتر ٿينديون. ان شعبي ۾ جيتري مني لانڊرنگ ٿي آهي، اها ڪنهن به شعبي ۾ نه ٿي هوندي. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين جي نظام کي بهتر ڪرڻ سان ئي آمدني ۾ اضافو ٿيندو.