قائم علي شاهه ۽ ٻين کي نشان امتياز ايوارڊ

اسلام آباد(م ڊ) يوم پاڪستان جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شخصيتن کي سول اعزازن سان نوازيو ويو، يوم پاڪستان جي موقعي تي اعليٰ ترين سول اعزاز ڏيڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي، جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ صدر آصف زرداري سينيئر سياستدان راجا ظفرالحق ۽ سيد قائم علي  شاهه کي نشان امتياز، جڏهن ته پرڏيهي معاملن ۾ خدمتن تي سيد طارق فاطمي کي هلال امتياز سان نوازيو، تقريب ۾ ڊاڪٽر محمد امجد ثاقب کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز، جڏهن ته صلاح الدين صديقي کي هاڪي جي ميدان ۾ خدمتن تي نشان امتياز سان نوازيو ويو، افتخار عارف کي شعر و ادب جي ميدان ۾ ڪيل خدمتن تي نشان امتياز ۽ نامور شاعر انور مسعود کي به هلال امتياز سان نوازيو ويو. سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن سهيل وڙائچ کي صدارتي ايوارڊ فار ايڪسيلنس ان جرنلزم سان نوازيو ويو. تقريب ۾ ايئر مارشل ريٽائرڊ نجيب اختر کي نشان امتياز جڏهن ته مشتاق سکيرا کي پوليس کاتي ۾ خدمتن تي هلال شجاعت سان نوازيو ويو. مرحوم برگيڊيئر سيد سرفراز کي به هلال امتياز سان نوازيو ويو، مفتي عبدالشڪور کي عوامي خدمتن جي عيوض هلال امتياز سان نوازيو ويو،تقريب ۾ طارق باجوه کي معاشي خدمتن تي هلال امتياز، طارق محمود پاشا کي عوامي خدمتن تي هلال امتياز، جاويد اسلم کي به عوامي خدمتن تي هلال امتياز، جڏهن ته احمد شاهه کي فن جي شعبي ۾ هلال امتياز سان نوازيو ويو. فتح علي خان کي موسيقي جي شعبي ۾ خدمتن جي عيوض هلال امتياز سان نوازيو ويو، جڏهن ته ناصر محمود کوسا، فواد حسن فواد، راجا نعيم اڪبر، ڪيپٽن رٽائرڊ زاهد سعيد، سبطين فضل علي ۽ زاهد اختر زمان کي به ساڳئي شعبي ۾ هلال امتياز سان نوازيو ويو، ايوان صدر کان علاوه گورنر هائوس لاهور، ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا ۽ گورنر سيڪريٽريٽ گلگت بلتستان ۾ به ايوارڊ جون تقريبون منعقد ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.