سنڌ ۾ڏوهارين جي راڄ پويان هميشه عوام دشمن قوتون رهيون آهن:رياض چانڊيو

حيدرآباد ( پ ر ) اڄ جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌاڙيل راج ۽ سنڌي هندن کي لڏائڻ واري سازش خلاف سڄي سنڌ ۾ پُرامن احتجاجي ريليون  ڪڍي ڌرڻا هنيا ويندا، ان حوالي سان جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن ڏوهارين جي راڄ پويان هميشه عوام دشمن قوتون ۽ سنڌ جي ويرين جو سازشون رهيون آهن، هن چيو ته جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني کان ته سنڌ جي ماڻهن کي محروم ڪيو ويو ۽ وسيلا لٽجي رهيا آهن.رياض چانڊيو جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت جي گذريل 15سالن ۾ ڪيترائي ڌاڙيلن خلاف آپريشن ٿيا انهن ۾اربين رپيا حڪمران پيپلز پارٽي جا کائي ويا ، پر ڌاڙيل برقرار آهن جيڪي سنڌ جي امن امان کي تباهه ڪري رهيا آهن ۽ هنن جي ئي دور ۾ سنڌي هندن جو نياڻيون اغوا ٿيون آهن ۽ سنڌي هندو کي لکن جي تعداد ۾ پيپلز پارٽي لڏائي ڪڍيا ۽ هينئر به هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو ڌاڙيلن وٽ مغوي بڻيل آهن ۽ معصوم پريا ڪماري ان جا وارث سڄي سنڌ جو شعور ان نياڻي جي آزادي لاءِ جدوجهد پيو ڪري.هن چيو ته استادن تي ڪالھه به حملو ٿيو آ ڪنڌڪوٽ ضلع ۾ استاد خصوصي طور تي ٽارگيٽ پيا ٿين. هن چيو ته امن امان جي بحالي ۽ ڌاڙيل گردي خلاف سنڌ ۾ اڄ پرامن احتجاج ٿيندو، حيدرآباد جي پريس ڪلب کان وٺي سنڌ جي سڀني روڊن رستن تي پرامن احتجاجي ڌرڻا لڳايا ويندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.