سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ ڪنھن صورت ۾ قبول ناهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ خلاف عوامي تحريڪ طرفان 29 مارچ تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي  ڪرڻ بند ڪريو جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪانفرنس جون تياري جاري آهن. ان سلسلي ۾ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ مختلف اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي دعوتون ڏيڻ جو سلسلو هلندڙ آهي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ميڊيا سيڪريٽري ڪاشف ملاح ۽ ٻين اڳواڻن سينيئر صحافي جي اين مغل، دستگير ڀٽي، اقبال ملاح، نعمت کهڙو، ليکڪ منصور قادر جوڻيجو ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ۽ ٽيليفونڪ رابطا ڪري ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪرڻ ڪنھن صورت ۾ قبول ناهي. سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم ڪيو ويو آهي. ڌاڙيلن ماڻھن کي اغوا ڪري ڀنگ وصول ڪرڻ جو ڪاروبار شروع ڪري ڇڏيو آهي. هنن چيو ته سنڌ ۾ سرعام آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا آهن. سنڌي عوام کان جيئڻ جو بنيادي انساني حق کسيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.