پاڪستان ڪسٽمز جي ڪارروائي، غير ملڪي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام

ڪراچي( رپورٽر ) پاڪستان ڪسٽمز جناح انٽرنيشنل ايئر پورٽ ڪلڪٽريٽ انفورسمنٽ جناح انٽرنيشنل ڊپارچر لائونچ تي ڪاروائي ڪندي وڏي تعداد ۾ غير ملڪي ڪرنسي اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ورتو. ايڊيشنل ڪلڪٽر ڪسٽمز محمد فيصل جو چوڻ   آهي ته ڊپارچر لائونچ تي مقرر عملي شڪ جي بنياد تي دبئي ويندڙ مسافر جي سامان جي جانچ پڙتال ڪئي ته مسافر جي سامان مان 59 ھزار سعودي ريال ھٿ ڪري ورتا. محمد فيصل جو چوڻ آهي ته اسد احمد نالي مسافر اڏام AE 603  تي دبئي وڃي رھيو ھو مسافر سعودي ريال پنهنجي بيگ ۾ لڪايا هئا، ان ٻڌايو ته ٻاھرين ملڪ ويندڙ مسافرن کي 5 ھزار ڊالر يا ان جي برابر غير ملڪي ڪرنسي کڻي وڃڻ جي اجازت آهي پر مسافر مقرر حد کان ٻيڻي کان وڌيڪ 37 لک پاڪستاني رپين جي ماليت جي سعودي ريال گڏ کڻي وڄڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھيو. حڪام ڪسٽم ايڪٽ جي تحت ڪاروائي ڪري ھٿ آيل ڪرنسي ضبط ڪري ورتي آهي. ۽ ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

  • ڪي پي حڪومت پاران غزا واسين لاءِ 10 ڪروڙ امداد جو اعلان

پشاور(م ڊ)خيبرپختونخواهه حڪومت غزه جي مظلوم شهرين جي مالي مدد جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار محمد علي سيف چيو آهي ته وڏي وزير علي امين گنڊاپور فلسطينين لاءِ 10 ڪروڙ رپين جي امداد  جو اعلان ڪيو آهي.هن چيو ته امدادي رقم غزه جي فلسطيني عوام لاءِ ضروري شيون فراهم ڪندي.هن چيو ته جلد فلسطيني سفير کي طلب ڪري امدادي رقم ڏني ويندي.

  • هولي سبب زرعي يونيورسٽي ۽ سب ڪئمپس ۾ مڊٽرم امتحان ملتوي

ٽنڊوڄام (پريس رليز) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ترجمان پڌرو ڪيو آهي ته يونيورسٽي ۽ ان سان سلهاڙيل سب ڪئمپس عمرڪوٽ ۽ خيرپور ڪاليج آف ايگريڪلچرل انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي هندو ڀائرن جي هولي جي مناسبت سان سومر 25 مارچ 2024 تي مڊٽرم جا امتحان ملتوي ڪيا ويا آهن، جنهن جو شيڊيول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو، جڏهن ته هندو برادري لاءِ موڪل پڻ ڪئي وئي آهي.

  • قيدي نمبر 804 جي نالي سان چپل ٺاهيندڙ کي صدارتي ايوارڊ

پشاور(م ڊ) نور دين الياس جيڪو چاچا جي نالي سان به مشهور ۽ جوتا ٺاهڻ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي، کيس سٺي ڪارڪردگيءَ تي صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو.يوم پاڪستان جي موقعي تي گورنر هائوس پشاور ۾ ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ سينيئر بيوروڪريٽس، ڊاڪٽرن ۽ پروفيسرن کي ايوارڊ ڏنا ويا.نوردين چاچا اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي ڪپتان جي چپل پڻ تحفي ۾ ڏني. نورالدين چاچا قيد نمبر 804 جي نالي سان چپل به ٺاهي آهي.

  • ڪراچي ۾ مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ پيرسن فوت، 4 ڄڻا زخمي

ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ حادثن ۽ واقعن ۾ باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ پيرسن سڙي فوت ٿي ويو ۽ فائرنگ روڊ جي واقعن ۾ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. سولجربازار ٿاڻي جي علائقي سولجربازار نمبر ھڪ گل راڻا ڪالوني ۾  گھر جي اندر شاٽ سرڪٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ باھ لڳڻ جي سبب سڙي 70 سالن جو پيرسن سليم عنصر ولد محفوظ عنصر فوت ٿي ويو. عزيز ڀٽي ٿاڻي جي علائقي ڊالميان سيڪٽر نمبر 15 سيمنٽ فيڪٽري جي ڀرسان فائرنگ ۾ سيڪورٽي گارڊ محمد سجاد ولد غلام اڪبر زخمي ٿي پيو

رسيد ٿاڻي جي علائقي نارٿ ڪراچي جمالي محلي ۾ واقع مين يو پي موڙ  باٽا شوز سيڪٽر 11 بي ۾ ڦر جي دوران مذاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ محمد سني قريشي پٽ محمد نواز قريشي زخمي ٿيو. گلشن اقبال بلاڪ 13 ڊي 2 نور ٽريڊرز شاپ جي ڀرسان فائرنگ ۾ محمد آزاد ولد محمد جاويد زخمي ٿيو. بلديا نمبر 4 ڀرسان سوات ھوٽل لڳ روڊ حادثي ۾ موٽرسائيڪل سوار دانش خان ولد عالمگير خان زخمي ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.