لنڊن(م ڊ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستاني واپاري ڀارت سان واپار بحال ڪرڻ چاهين ٿا، پاڪستان ڀارت سان واپار کولڻ جو جائزو وٺندو. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ 16 مهينن جي حڪومت رڳو ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچائڻ لاءِ هئي، پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) پنهنجو واعدو چڱي ريت پورو ڪيو. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت چوندي هئي ته بارودي سرنگون وڇايون پيون وڃن، جن 24هين معيشت کي دنيا جي 47هين معيشت ۾ تبديل ڪيو انهن پاڪستان کي ٻوڙي ڇڏيو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير چيو ته آمريڪي سفير پي ٽي آءِ سان ملاقات جي درخواست ڪئي ته فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت نه. هن چيو ته پاڪستان ۾ چونڊن بابت ڊونلڊ لوءَ جي ڳالهه ڪا نئين ڳالهه ناهي، جيڪڏهن ڌانڌلي ٿي هئي ته پختونخواهه ۾ هڪ پارٽي 75 سيڪڙو سيٽون ڪيئن حاصل ڪيون؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي 70 سيڪڙو سيٽون حاصل ڪيون، چونڊن بابت جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته عدالتون ۽ ٽربيونل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڙيسري کي تبديل نٿو ڪري سگهجي، اسان کي پاڙيسرين سان گڏ رهڻو آهي، افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي کي ڳالهه ٻولهه دوران حملي جي خبر ملي ۽ افغان پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته حملي جو ذميوار گل بهادر گروپ آهي. .هن چيو ته افغانستان بامعنيٰ ڪارروائي نه ڪئي ته پوءِ پاڪستان گل بهادر گروپ خلاف ڪارروائي ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ڪيمرون ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو، ڪيمرون آسٽريليا جي دوري کان واپس اچي رهيو آهي. اسحاق ڊار چيو ته سڄي دنيا چئي رهي آهي نيوڪليئر ۽ هائڊرو انرجي محفوظ توانائي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. برسلز ۾ جوهري توانائي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جوهري توانائي بابت اهم نڪتو اٿاريو، منهنجي موقف جي ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن حمايت ڪئي. عالمي مالياتي ادارن کي جوهري توانائي جي منصوبن ۾ سهڪار ڪرڻ گهرجي.
-
آمريڪا سي پيڪ جي حوالي سان خوش ناهي،ڀارت سان لاڳاپا بحال ٿيڻ گهرجن: مشاهد حسين
اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ مشاهد حسين سيد چيو آهي ته ايران پاڪستان گئس پائيپ لائن تي اسان سنجيده ناهيون، 2014ع ۾ اوباما جي حڪومت دوران ته ايران تي پابنديون ختم ٿي ويون هيون،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان پاليسي جي حوالي سان سنجيده ناهيون،آمريڪا سي پيڪ جي حوالي سان خوش ناهي، هن چيو ته آمريڪا تڏهن به خوش نه هو جڏهن جنرل ايوب ۽ ڀٽي جي دور ۾ چين سان لاڳاپا قائم ڪيا، هن وقت به چين گهڻو خوش ۽ پراعتماد ناهي، سي پيڪ جو اشو آءِ ايم ايف سان ڳنڍجي ويو، سي پيڪ واشنگٽن بيسڊ آءِ ايم ايف سان بحث هيٺ آهي، اسان چيني ڪمپنين کي 4 ارب رپين کان وڌيڪ نه پيا ڏيون، هن چيو ته گوادر ۾ وڏو ڌرڻو لڳو،ڌرڻي جي ٻن ڏينهن کان پوءِ گوادر پورٽ اٿارٽي ۾ وڏو حملو ٿيو، سي پيڪ جي حوالي سان فول پروف سيڪيورٽي جو واعدو پورو نه ڪري سگهياسين، پاڪستان ۽ چين ۾ ويڇا ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين ٻنهي کي راضي رکي سگهون ٿا، اسان جا اقتصادي لاڳاپا آمريڪا سان آهن، اسان واضح ڪيو هو ته سي پيڪ آمريڪا جي مفادن جي خلاف ناهي، سي پيڪ ۾ سمورا علائقائي ملڪ آهن، اسان وٽ آمريڪا جو هڪ خوف حاوي آهي، هن وقت سڄو ملٽري ايڪوپمينٽ چين مان اچي ٿو چين عالمي فورمن تي اسان جو آواز آهي، هن چيو ته چين توهان سان پهاڙ وانگر بيٺل آهي، چين هر موقعي تي اسان جو ساٿ ڏنو آهي، اسان جي اشرافيه ثقافتي طور تي آمريڪا ۽ اسٽريٽجڪ طور چين سان گڏ آهي، هن چيو ته واشنگٽن لابيز جو شهر آهي، اتي پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪري ٿي، پي ٽي آءِ حامي ميمبر بريڊ شرمين ۽ ٻيا نيتن ياهو ڪانگريس ۾ خطاب جي دعوت پيا ڏين، هن چيو ته چين ڪيترن ئي شعبن ۾ آمريڪا کان اڳتي ٿي ويو آهي، آمريڪا جي ان سان جنگ نه ٿيندي، منهنجي خيال ۾ ٽرمپ جي اچڻ سان حالتون بهتر ٿينديون،هڪ ته هو آمريڪي اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار ناهي، ٽرمپ چئي چڪو آهي ته سي آءِ اي ناڪام ٿي وئي آهي، آمريڪي جنرل نااهل آهن، هو مسلمان ملڪن ۾ جنگ نٿو چاهي، يوڪرين جي جنگ روس نه هارائيندو، آمريڪا اندر وڏو بحران پيدا ٿيل آهي، هن چيو ته چين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، پاڪستان جو انڊيا سان واپار شروع ٿي سگهي ٿو،2016ع کان پوءِ مودي جي حڪومت اچڻ کان پوءِ اختلاف شروع ٿيا، ڪشمير بابت اسان جي پاليسي واضح نه هئي، مودي جي ٻيهر حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ معاملا بهتر ٿي سگهن ٿا، اٽل بهاري واجپائي عظيم ليڊر هو، لاهور دوري دوران مان هن سان چار ڏينهن تائين وقت گذاريو،هن چيو ته هن خطي ۾ مودي نويڪلائي جو شڪار آهي، مالديپ، سريلنڪا،ڀوٽان،نيپال ۾ چين سان گڏ بيٺل آهي، بنگلاديش ٻنهي پاسن تي بيهندو آهي، پاڪستان به پرڏيهي پاليسي جي حوالي سان ڪليئر ٿئي، ڪشمير مسئلي تي اصولي موقف رکي به اسان هندستان سان ڪجهه معاملن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا،بارڊر کولڻ ۽ سفيرن جي ڏي وٺ سان اسان جي ڪا به ڪمزوري نه ٿيندي،هن چيو ته افغان پاليسي اسان جي مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان کي هر اشو سيڪيورٽي جي بنياد تي نه ڏسڻ گهرجي، چين سدائين اسان کي چوندو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا صحيح ڪريو، اهو نٿو چاهي ته پاڪ هند وچ ۾ جهيڙو ٿئي، اسان جي پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين باوجود چين کي اسان جي ضرورت ۽ اسان کي چين جي ضرورت آهي، هن چيو ته بلوچستان ۾ مسنگ پرسنز ۽ ٻيا مسئلا هوندا ته لائو ڪڏهن نه ڪڏهن ڦاٽندو اسان کي اهي اشو حل ڪرڻا پوندا،جيستائين اسان وٽ سياسي استحڪام نه ايندو تيستائين سيڙپڪاري نه ٿيندي، نه چيني ،آمريڪي ۽ نه عرب ملڪ هتي ايندا،تڪراري اليڪشن باوجود جن جو مينڊيٽ آهي اهو تسليم ڪرڻ گهرجي، 8 فيبروري کان پوءِ به جنگ نه جاري رکڻ گهرجي،