اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ايئرپورٽ آئوٽ سورسنگ ۽ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ( پي آءِ اي ) کي خانگائڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. دفاع ۽ هوابازي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ڪميٽي ايئرپورٽ مئنيجمينٽ جي آئوٽ سورسنگ جو جائزو وٺندي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري بابت معاملن جي نگراني ڪندي. نوٽيفڪيشن ڄاڻايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير، نجڪاري وارو وزير، نجڪاري معاملن بابت سيڪريٽري، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ۽ سيڪريٽري هوابازي ڊويزن کي ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو آهي.