ميرپور خاص ۾ ساماري واسي وڪيل جي قتل جو انڪشاف، ڪيس داخل

سامارو( رپورٽ: ڪيول سورماڻي) ميرپورخاص شھر جي علائقي روينيو ڪالوني مان هٿ آيل سامارو واسي وڪيل سيد اعجاز شاھ کي قتل جو  انڪشاف ٿيو آهي. والد جي فرياد تي ليڊي پوليس اهلڪار سميت نامعلوم خلاف ڪيس داخل فوتي جو مڙھ پوسٽ مارٽم بعد  سندس اباڻي شھر سامارو آندو ويو سيد اعجاز شاھ جي اچانڪ موت تي تعلقه سامارو جي شھر سامارو سمت آسپاس جي ننڍن وڏن اسٽاپن سامارو روڊ . صالع ڀنڀرو . راهوآباد ۽ ٻين اساپن تي سندس همدردن سوڳ ۾ ڪاروبار بند رکيو نوجوان وڪيل جو مڙھ سامارو جي سيد بلند شاھ پاڙي ۾ پهچڻ تي وڏي انگ ۾ ماڻھو پهچي ويا هر اک آئي نظر آئي فوتي وڪيل سيداعجاز شاھ جي نماز جنازه بلند شاھ پاڙي ۾ ادا ڪئي وئي .جنازي نماز ۾ ضلعي ميرپورخاص .عمرڪوٽ . ٿرپارڪر سميت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سيد برادري . شعيا علما ڪائونسل جي اڳواڻن . مختلف بار ايسوسيشن جي وڪيلن . سياسي سماجي شخصيتن شرڪت ڪئي فوتي سيد اعجاز علي  شاھ شعيا علما ڪائونسل سنڌ جي نائب صدر سيد ذوالفقار علي شاھ جو ڀائيٽو ۽ ميرپورخاص بار ايسوسيشن جو سينئر ميمبر هاء ڪورٽ جو وڪيل رهيو ۽ پ پ جي ناراض سينئر سياستدان اڳوڻو ايم اين اي سيد علي نواز شاھ جو پرسنل سيڪيريٽري پڻ رهيو ٻي طرف ساماري شھر جي نوجوان وڪيل سيد اعجاز علي شاھ جي قتل بعد ميرپورخاص مان هٿ آيل لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام متل آھي ۽ شھر ۾ سوڳ واري لهر ڇانيل آھي جڏھن ته ڊسٽرڪٽ  بار ايسو سي ايشن ميرپورخاص جي ميمبر. ايڊووڪيٽ اعجاز علي شاه جي انڌي قتل وارو معاملو جي واقعی جو ڪيس مقتول جي والد سيد غلام نبي شاھ جي مدعيت  سيٽ لائيٽ ٿاڻي ميرپورخاص تي قتل ڪيس هڪ ليڊي پوليس اهلڪار سميت هڪ نامعلوم شخص خلاف داخل ڪيو ويو آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.