ڪراچي/شڪارپور (پ ر/ڊ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿيا آهن، امن امان قائم ڪرڻ توڙي شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ هر حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي، هن وقت ڪراچي کان ڪشمور تائين پورو صوبو بدامني جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي، ٻن مهينن ۾ 200 ماڻهن جو اغوا ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ حڪمرانن لاءِ فڪر جو مقام آهي، عوام لاڳيتو ڌاڙيل راڄ خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي پر حڪومت ۽ انتظاميه جي ڪن تي جُون به نٿي سُري، شهيد عبدالحفيظ بجاراڻي اسان جي تحريڪ جو قيمتي سرمايو هو، هو هڪ عالم دين، مبلغ ۽ سياسي سماجي اڳواڻ سان گڏو گڏ انسانيت جو درد رکندڙ انسان هو، هن ڪرمپور ويجهو ڳوٺ امام الدين بجاراڻي ۾ روڊ حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري مولانا عبدالحفيظ بجاراڻي جي پونيئرن سان تعزيت کانپوءِ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، صوبائي امير سنڌ سان تعلق رکندڙ صدر آصف زرداري ۽ آرمي چيف توڙي وزيراعظم کي سنڌ ۾ شديد بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جو نوٽيس وٺڻ ۽ سنڌ جي عوام کي امن فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڌاڙيلن پاران حڪومتي رٽ کي چيلينج ڪرڻ فڪر جو مقام آهي، حڪمران پاڻ وي آءِ پي پروٽوڪول، جهازن، ٽينڪن توڙي محفوظ قلعن ۾ ويٺا آهن پر ٽيڪس ڏيندڙ عوام کي ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.