ڪراچي: ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر کي عهدي تان هٽايو ويو

ڪراچي (رپورٽر) ايس ايس پي اوڀر عرفان بهادر کي عهدي تان هٽايو ويو،  ايس ايس پي عرفان بھادر کي سي پي او ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. ايس ايس پي جاچ ڏکڻ ڊاڪٽر فرخ رضا کي بدلي ڪري ايس ايس پي اوڀر مقرر ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.

  • سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان حليم عادل شيخ جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ اليڪشن ٽربيونل ۾ تحريڪ انصاف جي سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي اين اي 238 ۾ ڪنسولٽيڊيٽ فارم نه ڏيڻ جي خلاف ٻڌڻي ٿي ، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته منهنجي اليڪشن ايجنٽ کي ٻاهر  ڪڍيو ويو، ٽربيونل پڇاڻو ڪيو ته رٽرننگ آفيسر ڪير هو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته قاضي فاروق هو، اليڪشن ڪميشن پنهنجي ويب سائيڊ تي اپ لوڊ ڪري هٽائي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو پنهنجي ويب سائيڊ تي رکي.

  • ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پاران حافظ نعيم الرحمان جي عيادت

ڪراچي(رپورٽر) ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب خميس ڏينهن امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان جي گهر پهچي ان جي  عيادت ڪئي ۽ حافظ نعيم الرحمان جي جلد تندرستي لاءِ دعا ڪئي، ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته حافظ نعيم علاج هيٺ هجڻ جو پتو پيو ته سندس گهر آيس ۽ ان جي گهر ڀاتين عزت ڏني  حافظ نعيم الرحمان هڪ پارٽي  جو اڳواڻ آهي سياسي اختلاف پنهنجي جاءِ تي حافظ نعيم الرحمان منهنجو وڏو آهي، سياسي رواداري هجڻ گهرجي.

  • اسلام آباد  ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ٽينڊر جي تاريخ ۾ 2 مهينا واڌ

اسلام آباد (م ڊ ) سول ايوي اي اٿارٽي اسلام آباد ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ لاءِ ٽينڊر جي تاريخ ۾ واڌ جو فيصلو ڪري ورتو، سول ايوي ايشن اٿارٽي ٽينڊر جي تاريخ ۾ 2 مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، سول ايوي ايشن اٿارٽي ٽينڊر جي تاريخ ۾ واڌ جو نئون حڪم  نامو جاري ڪري ڇڏيو ۽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي آئوٽ سورسنگ جي تاريخ لاءِ 15 مئي مقرر ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.