ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني، استاد جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ۽ مغوين جي آزادي لاءِ ڌرڻو

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني عروج تي پهتل، پنج ڏينهن اڳ موٽرسائيڪل ڦر دوران هٿياربندن طرفان مزاحمت تي شهيد ڪيل استاد الله رکيو نندواڻي جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا، مقتول  استاد جا وارث مايوس ٿي ويا، تڏي تي استاد جي سئوٽ ويڊيو بيان ڏيندي چيو ته سنڌ  مان جيئن هندو لڏي رهيا آهن تيئن اسان به لڏي وينداسين، اسان جو پيارو ڀاءُ انسان دوست علم دوست کي بي دردي سان قتل ڪيو ويو قاتل پوليس گرفتار نه ٿي ڪري، قبيلائي تڪرار کان اسان نفرت ڪيون ٿا، ٻئي پاسي پوليس ترجمان موجب استاد الله  رکيو نندواڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي بشير احمد بروھي جي سربراھي ۾ پوليس ۽ رينجرس جو گڏيل آپريشن ھلندڙ آهي ٽئين ڏينهن تي وڌيڪ ٺڪاڻا تباھ ڪيا آهن ۽ شڪ جي بنياد تي پنجن کي گرفتار به ڪيو ويو آهي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ تائين ڪارروائيون جاري رھنديون، ڪنڌڪوٽ جي مختلف ھنڌن تان اغوا ٿيل صحافي سليم ميراڻي جي ٻن سئوٽن خالد ميراڻي، صدر الدين ميراڻي، سھرياڻي برادري جو پورھيت علي بھار سھرياڻي، پٽ شمن سھرياڻي، ذيشان، مزدا ڊرائيور در محمد گولو، شيخ برادري جي ٽن پورھيتن علي شير، مير خان، سھراب ۽ ٻيا مغوي آزاد نه ٿي سگهيا، سومر ڏينهن شڪارپور روڊ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته ڪجھه عرصي ۾ مختلف برادرين جا استاد، پوليس اھلڪار قتل ٿيا جن جا قاتل قانون کان آجا ھجڻ تي بنگوار، ڊومڪي، جکراڻي برادري جو انڌي ڦاٽڪ تي ڏھ ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو،سوين گاڏيون بيھجي ويون، اي ايس پي پھچي مظاھرين کان ھڪ ھفتي جي مھلت وٺي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد روڊ کوليو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.