ميرپور خاص ۾ اڳوڻي ايم اين اي علي نواز شاهه جي پي اي جو لاش هٿ

سامارو( ن ع آ) سامارو واسي نوجوان  وڪيل سيد اعجاز شاھ جو ميرپورخاص شھر جي علائقي روينيو ڪالوني جي ڪوارٽر واري گهر مان لاش هٿ آيو آھي.  واقعي جي اطلاع تي ايس ايس پي ميرپورخاص  چوڌري اسد واقعي واي هنڌ پهچي ويو . مڙهه کي پوسٽ مارٽم لاءِ ايڌي ايمولنس ذريعي سول اسپتال ميرپورخاص نيو ويو. وڪيل سيد اعجاز شاھ ساماري شھر جي سيد گهراڻي سياسي شخصيت سيد غلام نبي شاھ جو فرزند ۽  اڳوڻي ايم اين اي سيد علي نواز شاھ جو سياسي سيڪريٽري هو. اطلاع تي ساماري شھر سميت آس پاس ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آھي. ٻئي طرف ايس ايس پي ميرپورخاص ميڊيا کي ٻڌايو ته لاش پنج کان ست ڪلاڪ پراڻو لڳي رهيو آهي. ايس ايس پي ان معاملي تي ڊي ايس پي تصور جٽ جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي. ٽيم ۾ انسپيڪر غلام حسين سڌايو ، انچارج سي آءِ اي عنايت زرداري، انسپيڪٽر غازي خان راڄڙ، انسپيڪر عبدالمجيد گرگيج کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.