اغوا واقعن خلاف عيد کان پوءِ تحريڪ هلائي ويندي: راشد محمود سومرو

جيڪب آباد( ڊر) جمعيت علماء اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي ٻيھر اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ  سنڌ ۾ روزانو خون ۾ لت پت لاش  ملڻ،اغوا واقعا حڪومت جي ناڪامي جو کليل ثبوت آھي، اھڙن خيالن جو اظهار ھن مڪي مڪرمه کان ڳالھائيندي ڪيو ھن چيو ته سنڌ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي چوڻ تي ايس ايس پيز ،ڊي ايس يز ۽ ٿاڻن ۾ ايس ايڇ اوز مقرر ڪيا پيا وڃن جيڪو انصاف جو قتل آھي .ھن چيو ته امن امان جي صورت حال انتھائي خراب آھي سنڌ کي ڌاڙيلن حوالي ڪيو ويو آهي. ھن چيو ته ڌاڙيلن جي خلاف جوائنٽ آپريشن ڪيو وڃي ،ميرٽ تي آفيسر مقرر ڪري انھن کي بااختيار ڪيو وڃي امن بحال ڪري عوام کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ عيد کان پوءِ احتجاجي تحريڪ هلائي حڪمرانن جو گھيراءُ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.