سينيٽ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ميمبر جي خريد وڪري جو انڪشاف

پشاور ( م ڊ) سينيٽ اليڪشن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر جي خريد ۽ وڪري جو انڪشاف  ڪيو آهي. اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر محمد شفيق آفريدي خيبرپختونخواه اسيمبلي جي ميمبر عبدالغني تي سينيٽ اميدوار سان پئسي جي ڊيل جو الزام لڳايو آهي. شفيق آفريدي چيو ته ان حوالي سان باقاعدي ايڊوانس ادائگي به ڪئي وئي آهي. اها ڊيل حيات آباد ۾ هڪ صنعتڪار جي گهر ۾ ٿي. شفيق آفريدي چيو ته چونڊيل ايم پي اي اسيمبليءَ ۾ وڏي وزير سان قرآن پاڪ تي حلف کنيو هو پر هاڻي هن ايم پي اي تحريڪ انصاف ۽ عمران خان سان غداري ڪئي آهي.  صوبائي صدر کي گهرجي ته پارٽي ڊسيپلن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايم پي اي خلاف ڪارروائي ڪري سندس پارٽي ميمبرشپ ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.