واپارين پاران ٽيڪس پلان خلاف مزاحمت جو خدشو

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) وفاقي حڪومت 35 لک  واپارين کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو  پلان تيار ڪيو آهي، آواز ٽي وي جي پروگرام ۾ صحافي محسن ٻٻر ان فيصلي جي آجيان ڪندي چيو ته واپارين کي ذميواري جو احساس ڪندي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کپي، ان جو ملڪي معيشت تي سٺو اثر پوندو پر لڳي ٿو ته واپاري سولائي سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه ٿيندا، هو مزاحمت ڪندا ۽ هڙتالون به ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن ائين ڪن ٿا ته آرمي چيف جنرل عاصم منير کي مداخلت ڪري کين شٽ اپ ڪال ڏيڻ گهرجي ته هو خاموش ٿي ويندا. صحافي منصور علي خان چيو ته هي فيصلو حڪومت جو سٺو آھي، پر واپارين سخت  رد عمل ڏنو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.