شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي ورسي تي ڀيٽا پيش

رتوديرو(پ ر)جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،  مرڪزي قيادت امجد خان مھيسر، مومن سمون، ديدار شام، اشرف ڪلھوڙو، عزيز شيخ سان گڏ شھيد بشير خان قريشي شھيد مقصود خان قريشي،  شھيد نوجوان سلمان وڌو جي مزارن تي  حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙھي شھيدن جو ڏھاڙو ملھايو ويو جڏهن ته   افطاري پڻ ڪرائي وئي،  ان موقعي تي صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھيد مقصود خان قريشي کي سنڌ سان عشق جي ڏوھه ۾ نوجوان سلمان وڌو سان گڏ باھه ۾ ساڙي شھيد ڪيو ويو جن شھيدن جو ڪيس به داخل نه ڪيو ويو هن چيو ته شھيد بابا بشير خان قريشي شھيد مقصود قريشي شھيد سلمان وڌو سميت اسان جي قومي  شھيدن جا ڪيس سنڌي قوم جي عدالت ۾ آھن جن سان تاريخ ضرور انصاف ڪندي ان موقعي تي جسقم اڳواڻ مختيار پنھور، اياز ڪورائي، رڪ سنڌي، شاهجھان ڪلھوڙو، اصغر ڪورائي، آصف اوڍو سميت سوين ڪارڪن شامل ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.