ميان صاحب (رپورٽ: مظفر ملڪ) ميان صاحب ڀرسان جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير دهو مان هٿياربند ڳوٺاڻي طالب حسين ڀرچونڊ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي تشدد بعد کيس زخمي ڪري 2 ٻڪريون ڦري فرار ٿي ويا واقعي خلاف ڳوٺاڻن همايون ۾ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاج ڪيو، متاثر ڳوٺاڻن راحب علي ڀرچونڊ، عرفان علي ڀرچونڊ ڪاشف علي ۽ ٻين جهان واهه ٿاڻي جي پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيو ته ڏوهاري اسان کان ڏينهن رات ڦرلٽ ڪن ٿا پر پوليس ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ڦر ٿيل ٻڪريون واپس نه ٿيون ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج جاري رهندو، ڌرڻي واري هنڌ ايس ايڇ او همايون جاويد ابڙو پهچي متاثر ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو .