سينيئر صحافي امداد اوڍي جو وڏو پٽ گم

ڪراچي (ع آ نيوز)  ناليواري سينئر صحافي امداد اوڍي جو پٽ سوڍل اوڍو گم،  وارثن پاران ايف آءِ آر داخل. خبر موجب ناليواري صحافي امدادي اوڍي سوشل ميڊيا ذريعي ٻڌايو ته  منهنجو پٽ پنهجي رهائشگاهه سنڌي جماعت سوسائٽي  ملير قائدآباد ڪراچي مان 6 مارچ 2024 تي صبح 8:30 وڳي گهران نڪتو آهي ۽  واپس گهر موٽيو ئي ناهي اسين  سڀ سخت پريشان آهيون جڏهن ته گم ٿيڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي پر هن وقت تائين ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. امداد اوڍي سوشل ميڊيا ذريعي دوستن، مائٽن کي هن مشڪل گهڙي ۾ساٿ ڏيڻ جي پڻ اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.