پاڪستان جي افغان ڀارت راهداري بند ڪرڻ جي ڌمڪي

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پاڪستان افغان طالبان کي واضح چئي ڇڏيو آھي ته  توهان جي  ٽي ٽي پي جي پٺڀرائي وڌيڪ برداشت نه ڪئي ويندي، افغان طالبان کي يا ته تحريڪ طالبان سان گڏ بيهڻو پوندو يا پاڪستان سان،پاڪستان هاڻي تحريڪ پاڪستان کي چيڀاٽي پوءِ دم کڻندو،تجزئي نگار  ڪامران يوسف ٻڌايو ته پهرين  ئي افغان طالبان گروهن جهڙوڪ حقاني نيٽ ورڪ، گل بهادر  گروپ وغيره جي پاڻ ۾ اندروني ويڙھ جاري آھي ۽ هاڻي پاڪستان به افغان طالبان کي چئي ڇڏيو آھي ته پنهنجا قبلا درست ڪيو نه  ته دمادم مست قلندر ٿيندو، ٻئي پاسي دفاع واري وزير خواجا آصف چيو ته سرحد پار تان دهشتگردي وڌي وئي آهي، جيڪڏهن افغانستان اسان سان دشمن جهڙو سلوڪ ڪري ٿو ته اسان کين واپاري راهداري ڇو ڏيون؟ هن چيو ته پاڪستان ڪابل ۾ ڊي فيڪٽو حڪمرانن کي اهو پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته اسان ان کي ان طرح جاري نٿا رکي سگهون،ٽي ٽي پي جي ماضي جي احسانن جي ڪري ڪابل هٿ ٻڌي نه بيهي، هن چيو ته انهن(ٽي ٽي پي) کي پنهنجي ملڪ ۾ رهندي اسان سان جنگ شروع ڪرڻ نه ڏيو، توهان انهن جا اتحادي نه بڻجو،هن چيو ته ڪابل ٽي ٽي پي کي پاڪستان خلاف ان ڪري ڪم ڪرڻ ڏئي رهيو آهي ته جيئن ان جا ميمبرن کي داعش جي مقامي گروپ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪي سگهجي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 هين مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.