جنرل باجوا جي احتساب معاملي تي خواجا آصف کي نوازشريف جي حمايت حاصل؟

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) دفاع وارو  وفاقي وزير خواجا آصف اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا تي اڄڪلهه وڏو ڪاوڙيل آهي،هن دهشتگردن کي پاڪستان ۾ آڻي آباد ڪرڻ واري معاملي تي جنرل باجوا کي پارليامينٽ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته جنرل باجوا ۽ فيض حميد کي قومي اسيمبلي ۾ طلب نٿو ڪري سگهجي،سينئر صحافي عمر چيما جو چوڻ آهي ته جنرل باجوا جي سهري جنرل(ر) امجد ۽ خواجا آصف جو پراڻو تعلق آهي،جنرل امجد 1999ع خواجا آصف خلاف نجڪاري جي حوالي سان شڪايت ڪئي هئي، بعد ۾ سندن هڪ دوست وچ ۾ پئي معاملو ختم ڪرايو، جنرل باجوا جي مقرري تي اهي لاڳاپا ٻيهر بحال ٿي ويا، جنرل باجوا خلاف جڏهن قادياني هئڻ جي مهم هلي هئي، ان وقت خواجا آصف وچ ۾ پئي ضمانت ڏني ته اهڙو ڪو به معاملو ناهي، هن چيو ته   نوازشريف جا جڏهن اسٽيبلشمينٽ سان لاڳاپا خراب ٿيا ته هن ان وقت گوجرانوالا جلسي ۾ جنرل باجوا جو نالو کڻي چيو هو ته جنرل باجوا توهان کي حساب ڏيڻو پوندو،ان تقرير تي اسٽيبلشمينٽ ۾ ڪاوڙ جي لهر پيدا ٿي،جنهن بعد اها ڪوشش ڪئي وئي ته ن ليگ مان ڪو اڳواڻ اهڙو بيان ڏئي ته نوازشريف کي اهڙي تقرير نه ڪرڻ گهرجي ها،ان سلسلي ۾ ڪڻو خواجا آصف جو نڪتو،خواجا آصف جي ويجهن ذريعن موجب جنرل امجد خواجا آصف کي گهرائي چيو ته توهان کي اهڙي قسم جو بيان ڏيڻو آهي جنهن تي خواجا آصف انڪار ڪندي چيو ته مان ان قسم جو بيان نه ڏيندس، نوازشريف جي بيان تي مان پبلڪ ۾ بيان نه ڏيندس، ان کان پوءِ کيس پيغام مليو ته توهان لاءِ مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خواجا آصف پارليامينٽ کان گهر ويندي نيب هٿان کنڀجي ويو، خواجا آصف کي ڪپڙا تبديل ڪرڻ جو به وقت نه ڏنو ويو، اهڙن قدمن تي خواجا آصف کي ڏک پهتو، خواجا آصف جنرل باجوا جي مقرري ۾ به ڪردار ادا ڪيو هو، هوڏانهن عمران شفقت چيو ته اعظم نذير تارڙ شاهه کان وڌيڪ شاهه جو وفادار ٿي رهيو آهي، خواجا آصف جي تازي مطالبي پٺيان ٿي سگهي ٿو نوازشريف جي سياسي حڪمت عملي هجي،طاقتور ڌرين جي جوابدار کي هٿ لڳائڻ سان هڪ وزير کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، جنرل باجوا ۽ جنرل فيض کي سزا ڏيڻ سان آئنده پاڪستان ۾ ڪو به پنهنجي  مرضي نه هلائي سگهندو،وفاقي وزير کي مليل ڌمڪين کانپوءِ معاملو نارڪ صورت اختيار ڪري ويو آهي. عمران شفقت چيو ته فوج جي اندر به وڏي ليول تي ويٺل آفيسر به چون ٿا ته جنرل باجوا ۽ فيض حميد ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ سندن دل چوي ٿي ته کين پڪڙي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته هاڻي صورتحال ان موڙ تي پهچي وئي آهي ته جيڪڏهن فوج جنرل باجوا۽ فيض حميد جي قرباني نه ڏيندي تيستائين ڪم سڌو نه ٿيندو ۽ ان قرباني جو طريقو ڳولهيو پيو وڃي. هاڻي ڏسجي ته اها قرباني خواجا آصف کي ڏيڻي ٿي پوي يا جنرل باجوه يا جنرل فيض کي ڏيڻي ٿي پوي. هوڏانهن صحافي جاويد چوڌري چيو آهي ته خواجا آصف جي بيان تي شهبازشريف جي حڪومت ۾ ٿرٿلو متل آهي، خواجا آصف پرڏيهي وزارت چاهي پيو پر کيس اهڙي وزارت ڏني وئي آهي جنهن جو ايترو ڪارج ناهي، دفاع واري وزارت رڳو هڪ سيٽ ناهي،  هن حڪومت بڻجندي ئي اهڙو بنياد رکيو آهي جنهن سان اسٽيبلشمينٽ سان ويڇا پيدا ٿي سگهن ٿا، شهبازشريف کائنس ناراض آهي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 هين مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.