تحريڪ انصاف اندرين اختلافن جو شڪار ٿي وئي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جا وڪيل اڳواڻ ۽ سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي جي سامهون اچي ويا،هن وقت تائين  تحريڪ انصاف جا اهم  اڳواڻ روپوشي واري زندگي گذارن پيا انهن ۾ مونس الاهي حماد اظھر ۽ مراد سعيد قابل ذڪر آھن، حماد اظھر پارٽي عهدي تان استعيفي’ ڏيئي ڇڏي ان استعيفي جي پويان به وڪيل اڳواڻ سان ناراضگي وارو عنصر شامل آھي، حماد اظھر جي ناراضگي جو مک ڪارڻ تحريڪ انصاف ۾ وڪيل برادري جو وڌندڙ اثر رسوخ آھي اهڙي ريت مونس الاهي به ڳالهين ڳالهين ۾ اهو چئي ويو ته پارٽي جي وڪيل رهنمائن کي گهرجي ته اهي باني پي ٽي آءِ جي ڪيسن تي خاص ڌيان ڏين ، انهن ڪيسن جي سٺي نموني پيروي ڪن ۽ پارٽي جي جان ڇڏين ته جئين پارٽي کي تحريڪ انصاف جا پراڻا اڳواڻ هلائن، مونس الاهي جو اهو خيال آھي ته جڏهن به عمران خان جيل کان ٻاهر ايندو تڏهن اهي به روپوشي واري زندگي ترڪ ڪري اچي سياسي ميدان ۾ پنهنجو وارو وڄائيندا، مونس الاهي کي پارٽي جي وڪيل اڳواڻن کان اها به شڪايت آھي.  ته تحريڪ انصاف جا وڪيل رهنما عمران خان جي ڪيسن کان وڌيڪ پريس ڪانفرنسز ۽ مختلف ٽاڪ شوز ۾ دلچسپي وٺي رهيا پر انهن وڪيل اڳواڻن کي گهرجي ته جيترو جلدي ٿي سگهي عمران خان کي ڪورٽن کان رليف وٺرائي ڏين، جيئن سڀني روپوش اڳواڻن جي روپوشي ختم ٿئي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 هين مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.