عمران خان جلاوطن ٿيڻ لاءِ تيار، ڊيل جون ڪوششون؟

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد جي وي لاگر عمران شفقت انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ عمران خان کي جلاوطن ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي، پنهنجي وي لاگ ۾ هن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ جون ٽي شخصيتون اهڙي ڊيل لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ٻڌايو وڃي ٿو ته عمران خان کي سعودي موڪلڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي پر هو آمريڪا يا برطانيا وڃڻ چاهي ٿو. عمران شفقت چيو ته ڳجهي نموني ڪا اهڙي ڳالهه ضرور آهي جو ڪالهه پي ٽي آءِ اڳواڻ بئرسٽر گوهر به ميڊيا تي چيو ته عمران خان جلد ٻاهر ايندو پر سندس آزادي ڪنهن ڊيل جو نتيجو نه هوندي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 هين مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.