حڪومت پي اي سي چيئرمين شپ شيرافضل بدران نورعالم کي ڏيڻ جي خواهشمند

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) عمران کي ڪيئن پڪ آھي تھ ھو 6 مھينن ۾ جيل مان آزاد ٿي ويندو.ھن پوري يقين سان گذريل ڏينھن جيل ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي اھا ڳالھ ڪئي آھي.صحافي جاويد چوڌري چيو ته ويجھڙائي ۾ تھ اھو مڪن نٿو لڳي پر سال کن ۾ اھا اڻ ٿيڻي ٿي سگھي ٿي.ھن جو خيال آھي تھ ھڪ تھ ٻاھرين دنيا پاران دٻاءَ پئجي سگھي ٿو،ٻيو تھ گڏيل حڪومت جڙڻ بعد ھاڻي عمران خان کي قيد ڪرڻ وارو مقصد حاصل ٿي ويو آھي.ٽيون تھ جيڪڏھن  عمران خان اھو يقين ڏياري تھ ھو امن امان ۾ مسئلو پئدا نھ ڪندو تھ کيس آزاد ڪيو ويندو،جنھن سان اھو تاثر ڏنو ويندو تھ ملڪ ۾ اپوزيشن موجود آھي. حڪومت جي تبديلي ۾ گھٽ۾ گھٽ ٻھ سال لڳي ويندا.ان کان اڳ اھڙي ڪا صورتحال ممڪن نٿي لڳي هوڏانهن شيرافضل مروت کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چئيرميني نھ پئي ملي.جيتوڻيڪ عمران خان ھن جي پي اي سي،جي چيئرمين مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي ۽ ان جي اعلان ڪرڻ جي ھدايت بھ ڪئي آھي پر حڪومت اھا سيٽ نورعالم خان کي ڏيڻ چاھي ٿي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 22 هين مارچ 2024 تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.