ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ طارق روڊ تي طبي سامان فراهم ڪندڙ گاڏي کان 8 لک رپيا ڦر ، مزاحمت تي 2 ملازم زخمي، ڪورنگي ۾ شهرين زمان ٽائون ٿاڻي جي حد مان مبينا ڦورو کي پڪڙي ورتو، ميڙ ۾ موجود ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ مارجي ويو. فيروز آباد ٿاڻي جي حد طارق روڊ تي نوراني ڪباب وٽ رقم ڀاڙڻ واري واقعي دوران مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري 27 ورهين جو شيراز ولد غلام مرتضيٰ ۽ 30 ورهين جو وقاص ولد زاهد اختر زخمي ٿي پيا، پوليس اختيارين موجب زخمي ٿيل اهلڪار اسپتالن ۾ طبي سامان فراهم ڪرڻ واري آفيس ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پي اي سي ايڇ ايس ۾ واقع هڪ خانگي بئنڪ مان 8 لک رپيا ڪڍرائي پنهنجي ڪار ۾ آفيس وڃي رهيا هئا ته هو نوراني ڪباب ويجهو پهتا ته موٽرسائيڪل سوار 3 جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني کين هٿيارن جي زور تي روڪيو ويو ۽ رقم ڦري ورتي، مزاحمت تي ڦورن فائرنگ ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو، ڪورنگي نمبر 3 ۾ زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ شهرين هٿان هڪ ڦورو کي پڪڙي ورتو ان دوران ماڻهن جي هجوم ۾ موجود هڪ شهري مبينا ڦورو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، لاش کي جناح اسپتال پهچايو ويو، ايس ايڇ او زمان ٽائون رائو فياض ٻڌايو ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڪورنگي ٿاڻي جي حد ۾ مبينا ڦورو بزرگ شهري کان ڦر ڪري رهيو هو ته شهرين ڦورو جو پيڇو ڪيو، جوابدار فرار ٿي ويو ۽ زمان ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ داخل ٿي ويو جتي شهرين کيس پڪڙي لوهه جي راڊ سان ٻڌي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، ڪاوڙ ۾ آيل هڪ شهري مبينا ڦورو تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي مارجي ويو .