طالبانن وانگر ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي: رياض چانڊيو

ڪراچي  (پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو پارٽي جي ڪراچي ڊويزن جي سڏايل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آھي ته  سنڌ ۾ حڪمرانن ھڪ رٿا تحت ڏوھارين دھشتگردن ۽ چورن کي منظم ڪيو آھي ڪڏھن ڪراچي ۾ ٻوري بند لاش ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ رھي ته ٻين ضلعن ۾ سدائين ڌاڙيل راڄ کي ھٿي وٺرائي وئي ان جي نئين شڪل ھن دور ۾ ھي آھي ته عذير بلوچ ۽ ايم ڪيو ايم جي قتلام ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀتاخوري کان پوء ھاڻ ڪراچي اسٽريٽ ڪرائيم ڪندڙ ڏوھارين جي حوالي آھي سنڌ جا ننڍا وڏا شھر ڏوھن جي دنيا سان آباد آھن جيڪو ڪم ڪشمور ۽ گھوٽڪي ۾ ٿئي ٿو ته ڀنگ لاءِ اغوا ڪاروبار ھلي ٿو . حڪمران ان سڄي ڪم جا ڊزائينر آھن آرگنائيزر ۽ محافظ آھن. ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ڪندڙ افغاني ۽ سرائيڪي گينگز لاٿيون ويون آھن سنڌ جو پھريون ضلعو گھوٽڪي ۽ ڪشمور ڌاڙيلن جي فيڪٽري بڻيل آھن. حالت اھا آھي جو استادن کي گوليون ھڻي ماريو پيو وڃي شاگرد اغوا پيا ٿين واپاري ڪاروبار نٿا ڪري سگھن عام شھري ڦرجن پيا رياست جي ذميواري آھي ته اھا سنڌ جي ماڻھن کي تحفظ فراھم ڪري. رياض چانڊئي چيو ته طالبانن لاء جھاز ڪاھي حملا ڪيا ٿا وڃن ته پوء سنڌ جا ماڻھو غير محفوظ آھن ڌاڙيلن خلاف ڪاروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي اھي زرداري مافيا بي يارو مددگار ڇڏي ڏنا آھن ڌاڙيلن کي ڇوٽ مليل آھي ته عوام کي اذيت ۾ مبتلا ڪن سکر ڊويزن لاڙڪاڻو ڊويزن تباھ ٿي رھيا آھن ھن وقت سنڌ مان 100 ماڻھو اغوا ٿيل آھن اسان ان ظلم جي خلاف 24 مارچ تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.