نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين نيب جي ٽن ڪيسن مان بري

اسلام آباد( م ڊ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل پيش ٿي بريت جي درخواست داخل ڪرائي، عدالت حسن ۽ حسين نواز جي بريت بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو،احتساب عدالت درخواستون منظور ڪندي حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.