نيوسعيدآباد/ مٽياري (رپورٽ: مشتاق راهو ضمير خاصخيلي ) شهر جي مين چوڪ امداد سئنيما وٽ برف جي ڪارخاني ۾گئس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنھن سبب درويش صفت 10 ورهين جو ماجد سولنگي ۽ ڪارخاني ۾ڪم ڪندڙ پورهيت ھالا واسي علي بخش ڏاھري ۽ مٺو ماڇي فوت ٿي ويا، جڏھن ته هڪ پورهيت خان محمد ملاح سخت زخمي ٿي پيو، اطلاع تي پوليس پهچي فوتين ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال نيوسعيدآباد منتقل ڪيو جتي زخمي کي طبي امداد ڏئي وڌيڪ علاج لاءِ لمس حيدرآباد منتقل ڪيو ويو جيڪو به مٽياري وٽ فوت ٿي ويو فوتين جو انگ 4 ٿي ويو، گئس سلينڊر جي ڌماڪي سبب شهر ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ سوين شهري توڙي دڪاندار اسپتال پهچي ويا.