اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نوازشريف پنھنجي ئي حڪومت خلاف اپوزيشن ليڊر بڻجي ويو.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز سان گڏ ڪيل ھڪ گڏجاڻي ۾ نوازشريف سوال اٿاريو تھ آءِ ايم ايف جي مطالبي تي عمل ڪري اسين اڃان بجلي ۽ گئس ڪيتري مھانگي ڪنداسين ؟ ماڻھن جي صبر کي ڪيستائين آزمائينداسين ؟ جاويد چوڌري پنھنجي وي لاگ ۾ ان تي تبصرو ڪندي چيو آھي تھ نوازشريف اھڙا سوال اٿاري اپوزيشن جي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.وفاق جي حڪومت نوازشريف جي ڀاءُ جي آھي ۽ پنجاب ۾ حڪومت سندس ڌيءَ جي آھي.حڪومت جوڙائڻ توڙي ان کان اڳ سمورا فيصلا نوازشريف ڪيا،ايتري تائين جو چونڊ نتيجن بعد ن ليگ جي ڪجھ ماڻھن جو خيال ھو تھ حڪومت ۾ شامل نھ ٿجي،پر ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو بھ نوازشريف ڪيو.ناڻي وارو وزير بھ سندس چوڻ تي مقرر ٿيو ھو.ھاڻي جڏھن سندس ڀاءَ شھبازشريف جي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاھدو ڪرڻ پئي وڃي تھ نوازشريف اھي سوال اٿاري رھيو آھي. ان سوال ڪنھن ٻئي کان نھ پر پنھنجي پاڻ کان ئي پڇڻ گھرجي.