ڪيترائي ئي ماڻھو گھڻين ڳالھين بابت ڄاڻندا آھن. اُهي ماڻهو اُڏامندڙ جھرڪين جا پک بھ ڳڻي وٺندا آھن، اهڙو عميق ھنر رڳو نصيب وارن جي حصي ۾ اچي ٿو.ڪجهه ماڻهو ڪجهه شين جي باري ۾ ڄاڻندا آھن.اھي ماڻھو ڄاڻيندا آھن ته گهوڙي جون چار ڄنگهون ڇو هونديون آهن. اھي ٻڌائين ٿا ته گهوڙي جون چار ڄنگهون انڪري هونديون آهن،ڇاڪاڻ جو ،جيڪا بگي اھي ڇڪين ٿا،ان بگي جا چار ڦيٿا ھوندا آھن. اڳوڻي وقت ۾ آئن اسٽائن، چئن ڦيٿن واري بگي ايجاد نھ ڪئي ھئي، تڏھن گھوڙا ٻن ڄنگھن وارا ٽانگا ڇڪيندا هئا.ان وقت گھوڙن جون ٻھ ڄنگھون ھونديون ھيون.
چئن ڦيٿن واري بگي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ گھوڙن جون ٻه وڌيڪ ڄنگهون نڪري آيون ۽ چئن ڄنگھن وارا گھوڙا چئن ڦيٿن واري بگي ۾ جوٽجڻ لڳا. اهڙي انوکي آگاهي مون کي سياڻن ڏني آهي، جيڪي ڪيترين ئي شين جي باري ۾ گھڻو ڪجهھ ڄاڻن ٿا.سياڻن اسان کي سمجھائي ڇڏيو آھي تھ ضرورت ايجاد جي ماءُ ناهي ھوندي. ايجاد ضرورت جي ماءُ ھوندي آهي.
ٻڌل سڌل ڳالھين کي ورجائيندي عرض ڪري چڪو آھيان تھ گھڻا ئي ماڻھو گھڻو ڪجهھ ڄاڻن ٿا. سماج جي ڏک سک جي کوج لڳائيندڙن جو فرمائڻ آھي تھ اھي ماڻھو جيڪي ڪجهھ نٿا ڄاڻن،سي خوش رھن ٿا. کليل نموني کلي سگھندا آھن. انھن کي پرواھ ناھي تھ ملڪ جو شهنشاهه ڪير لڳڻ وارو آهي ۽ ڪير لڳڻ وارو ناھي.اھڙي نموني جي بيڪار بحث مباحثن کان پري ڀڄندا آھن. سڪون سان سمهي سگهندا آھن.سٺا سٺا خواب ڏسن ٿا، خواب ۾پرين سان ناز نخرا ڪن ٿا. جنن کي آڱوٺا ڏيکارين ٿا.گهڻو پري جي ڳالھھ نھ آھي.ڪنھن کي آڱوٺو ڏيکارڻ گھڻو خراب سمجهيو ويندو هو.ماڻهو مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ھئا. هاڻي دنيا سمجھدار ٿي وئي آهي. جڏهن توهان جذباتي ٿي ويندا آھيو ۽ توهان جي وات مان گل ڇڻڻ لڳندا آھن. تڏهن سامعين توهان کي آڱوٺو ڏيکاريندا آھن ۽ مقرر ،ارشاد،جا نعرا ھڻندا آھن. انگريز جڏھن توهان کي آڱوٺو ڏيکاريندو آھي تھ تڏھن هو اشارن ۾ چئي رھيو ھوندو آھي تھ ويل ڊن.۽ جڏهن ڪو ديسي ماڻهو توهان کي آڱوٺو ڏيکاري رھيو ھوندو آھي،تڏھن هو اشارن ۾ چئي رھيو ھوندو آھي تھ "ڇا تھ ڳالھھ آھي ” واهه يار واهه. ”سبحان الله“.
آڱوٺويا ٺٺيو ڏيکارڻ اسان جي ڪلچر جو ھاڻي اڻٽٽ انگ ٿي چڪو آھي.ڪنهن کي داد ڏيڻ لاءِ ھاڻي اسين آڱوٺو ڏيکاري ڇڏيندا آھيون، ڪنهن کي خراب نه لڳندو آھي.بھرحال ڳوٺن ۽ ٻھراڙين ۾ رهندڙن بابت يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي،انهن کي بھ شهرن جي گدلي هوا لڳي چڪي آهي.
ويجھي ماضي ۾،مون ناهي ٻڌو ته ڪنھن کي آڱوٺو ڏيکاريو ويو ھجي ۽ اھو ماريو ويو ھجي.ھونئن بھ ڳوٺائي مان شهري بابو ٿيڻ لاءِ ڪجهه ته وڃائڻو پوندو آھي.انگريزن هندستان جي ورهاڱي لاءِ اسان مسلمانن کان وڏي قرباني گهري ھئي. انگريزن واضح ڪري ڇڏيو هو ته جيستائين پنج، ڏھھ مسلمان،اسان جي اڳيان پنهنجيون سسيون نھ ڪٽائيندا، تيستائين اهي ھندستان جو ورھاڱو نھ ڪندا.
اسان جي پنجن کان ڏھن لکن، ابن ڏاڏن پنهنجا سر قربان ڪري ڇڏيا.پنهنجي قيمتي جانين جو نذرانو ڏنو ۽ انگريزن کي هندستان جي ورهاڱي تي مجبور ڪري ڇڏيو.اسان جيڪي ڪجهھ سمجهھ ڄاڻ نٿا رکون،اڄ تائين اھو سمجهڻ کان لاچار آھيون ته قائداعظم ڇو، چيو هو ته مون بنا گولي ھلائڻ جي ۽ رت جي هڪ قطري وهائڻ جي، ھند جي مسلمانن جي لاءِ ھڪ جدا ملڪ پاڪستان حاصل ڪري ورتو آھي ؟
اسان جي ابن ڏاڏن جي ڳالھھ درست آھي يا قائداعظم جي ڳالھھ درست آھي. ان ڳالھھ جو فيصلو اڃان ٿيڻو آهي.ها،ورهاڱي جي فيصلي کانپوءِ برصغير ۾ خوفناڪ فساد ٿي پيا ھئا.انهن خوفناڪ فسادن جي جھلڪ اسان ڪراچيءَ ۾ به ڏٺي ھئي،جڏهن بندر روڊ، برنس روڊ، فريئر روڊ،سولجر بازار ۾ صدين کان آباد فيمليز کي ڊاٿو ڦٽايو ويو ھو.انهن عاليشان فليٽن ۾ گھڻي قدر هندو ۽ڪجهه سکن جون فيمليز رھنديون ھيون. ڪراچي ۾ رت جون نديون نھ وهيون ھيون.ڏسندي ئي ڏسندي اڻ ڳڻين هندن ميونسپل ڪارپوريشن جي سامهون سوامي نارائن مندر ۾ اچي پناهه ورتي ھئي. سنڌ جي اندرين علائقن مان قرضدار سردارن، جاگيردارن،وڏيرن ۽سندن ڪمدارن،هندن کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو.انهن کي پڪ هئي تھ ھندو،شاھوڪارن جي ھليو وڃڻ کان پوءِ انھن جون هندن وٽ گروي رکيل زمينون کين واپس ملي وينديون ۽ قرض بھ چڪتو ڪرڻو پوندو.پر ائين ٿي نھ سگهيو. ترڪ ڪيل ملڪيتن جي باري ۾ جڙيل قانون مطابق هندن جي پنهنجي ملڪيت، زرعي زمينن سميت،ايندڙ مهاجرن ۾ ورهائي ويندي. ان قانون موجب هندن وٽ گروي رکيل زمين سردارن، زميندارن، وڏيرن کي واپس نه ڪئي ويندي.گروي رکيل زمينون به مهاجرن ۾ ورهايون وينديون ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو.مهاجر زمينداري کان بي سمجهھ ھئا.انھن ڪليم ۾ مليل زرعي زمين اڌوگابري اگھھ تي ساڳين ئي سردارن،زميندارن ۽وڏيرن کي وڪڻي ڇڏي ۽ڪراچي جو رخ ڪيو ۽ هندن جي پنهنجي زمين ۽ وڏيرن جي انهن وٽ گروي رکيل زمين مهاجرن کي الاٽمينٽ ۾ ڏنيون ويون.پر اڄ توهان کي ھڪ بھ مھاجر سردار يا زميندار سنڌ ۾ نظر نه ايندو.
ان نوعيت جا اڻ ڳڻيا قصا ۽ ڪهاڻيون دشمنن اسان کي ٻڌايون آهن ۽ ٻڌل ٻڌايل ڳالھيون مان توھان کي ٻڌائي رھيو آھيان. اسان جي پنهنجي سمجهھ ڄاڻ تھ، ٻڙي آھي.اسان کي ڪهڙي خبر ته اڻويھھ سئو ستيتاليھھ ۾ ڇا ٿيو ھو؟