ميرپور ماٿيلي مان نوجوان اغوا،ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ:نصرالله گڏاڻي ) ميرپورماٿيلو شھر برف ڪارخاني کان رات نوجوان مبينا طور ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويو. سندس  موٽرسائيڪل ڀاڻ فيڪٽري لڳ نيشنل ھاءوي تان ملي.نوجوان جي اغوا خلاف وارثن جو ٿاڻي تي احتجاج.تفصيل موجب: ميرپورماٿيلو شھر برف ڪارخاني بس اسٽينڊ تي رات نائين وڳي ڀاءُ کي ڇڏڻ ويل ڪوثر ڪالوني جو رھواسي 22 ورھين جو نوجوان حسن اشفاق پٽ مستري اشفاق سيال کي مبينا طور ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. جنھن جي موٽرسائيڪل ڀاڻ فيڪٽري لڳ نيشنل ھاءِ وي تي ڏوھاري اڇلائي ويا. اھڙي واقعي بعد سيال برادري جا سوين ماڻھو ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي پھتا.جتي ھنن نوجوان جي اغوا خلاف اشفاق سيال جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي مغوي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.