راڻيپور(رپورٽ فياض حسين راڄپر) سنڌ ۾ بدامني عروج تي وڌي رهي آهي شھري ۽ ڳوٺاڻا غير محفوظ بڻجي ويا آھن اھڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ ڳوٺ جھنڊل خان جانوري مان اغوا ٿي ويل احمد بخش جانوري جي وارثن سان ملاقات ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بدامني ۾ اضافو اڃان به وڌيڪ ٿيندو شھري ۽ ڳوٺاڻا موجود حڪمرانن مان ڪابه اميد نه رکن پنھنجو تحفظ پاڻ ڪن ڇوته ھاڻ ڏوھارين جو راڄ وڌندو ان موقعي تي يونين ڪائونسل سيٺارجا بالا جو چيئرمين ڊاڪٽر ذاڪر حسين سولنگي ۽ ٻيا گڏھئا ان کان اڳ ڳوٺ بادل جوڻيجو ۾ استاد گلاب خان جوڻيجو سان زوجه جي لاڏاڻي تي پڻ تعزيت ڪئي