عمران خان شهيدن جي توهين ڪندڙن لاءِ به سزا تجويز ڪري: عرفان صديقي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان تي تنقيد ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ باني چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪندڙن خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پاڪستان کي ڏيوالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن لاءِ به ڪا سزا تجويز ڪري ۽ 9 مئي جي شرمناڪ بغاوت ڪندڙن لاءِ به ڪا سزا تجويز ڪري.

عرفان صديقي چيو ته عمران خان ملڪ لاءِ جانيون قربان ڪندڙ شهيدن جي توهين ڪرڻ وارن لاءِ  به سزا ٻڌائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.