اسلام آباد (م ڊ) حڪومت آءِ ايم ايف کي نجڪاري پروگرام تي ڪم تيز ڪرڻ جو خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب وفاقي حڪومت نجڪاري ذريعي بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو پلان تيار ڪري ورتو آهي، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي خانگي شعبي حوالي ڪيو ويندو. ذريعن موجب پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل جلد مڪمل ڪيو ويندو . هن وقت 25 ادارا نجڪاري لسٽ ۾ شامل آهن، ايوي ايشن شعبي ۾ صرف هڪ ادارو پي آءِ اي آهي، جڏهن ته مالياتي ۽ ريئل اسٽيٽ سان لاڳاپيل 4 ادارا وڪرو ڪيا ويندا. ان کان علاوه صنعتي شعبي جا 2، پاور ڪمپنين سميت توانائي شعبي جا 14، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن، بلوڪي، حويلي بهادر، گڊو ۽ نندي پور پاور پلانٽ پڻ هلندڙ نجڪاري پروگرام جو حصو آهن. سڀئي 10سرڪاري ملڪيت واري بجلي ورهائڻ واريون ڪمپنيون، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، فرسٽ وومين بئنڪ، پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني ۽ سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ پڻ نجڪاري لسٽ ۾ شامل آهن. واضح رهي ته پي آءِ اي جي نجڪاري تي پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ اختلاف سامهون اچي ويا آهن. پي آءِ اي جي نجڪاري واري حڪومتي فيصلي کي رد ڪندي پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پي آءِ اي کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هي ادارو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ سان ئي منافعو رکي سگهي ٿو. ياد رهي ته ٻه ڏينهن ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واضح ڪيو هو ته ادارن جي نجڪاري ٿيندي ۽ پي آءِ اي انهن ۾ ٽاپ آهي.