”سي پيڪ لاءِ وڌيڪ ڪي به فنڊ نه پيا رکون“پاڪستان جي آءِ ايم ايف کي خاطري

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) مقامي انگريزي اخبار ”دي ٽربيون“ سان لاڳاپيل صحافي شهباز رانا پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) کي يقين ڏياريو آهي ته سي  پيڪ لاءِ وڌيڪ فنڊ مختص نه ڪيا ويا آهن.پنهنجي رپورٽ ۾ شهباز راڻا لکيو ته حڪومت آءِ ايم ايف کي ٻڌايو آهي ته 493 ارب رپين جي چيني پاور پلانٽس جون رهتون ادا ڪرڻ لاءِ اضافي بجيٽ مختص ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پاور سيڪٽر ۾ چوري خلاف مهم جي اثرائتي هئڻ تي به سوال اٿاريا آهن.رپورٽ موجب آءِ ايم ايف هلندڙ مالي سال ۾ بل جمع نه ٿيڻ سبب نقصان کي 263 ارب رپين تائين محدود ڪرڻ جي حڪومتي دعويٰ تي شڪ شبهن جو اظهار ڪيو، ڇو  ته اها رقم صرف ستن مهينن ۾ وڌي 200 ارب رپيا ٿي وئي آهي،رپورٽ ۾ توانائي واري وزارت جي آفيسرن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته آءِ ايم ايف حڪومت جي طرفان هلندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 48 ارب رپين کان وڌيڪ چيني پاور پلانٽس لاءِ مختص ڪرڻ جي فيصلي بابت پڇا ڳاڇا ڪئي، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته چيني پاور پلانٽس جو بقايا قرض واپس ڪرڻ  لاءِ اضافي فنڊن جي منظوري جو ڪو به منصوبو ناهي.رپورٽ موجب چين پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) پاور پراجيڪٽ جو بيڪ لاگ جنوري جي آخر تائين 493 ارب رپين يا 1.8 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي، جيڪا هڪ خطرناڪ سطح آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.