ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف عيد کان پوءِ تحريڪ هلائينداسين: حيدر شاهاڻي

حيدرآباد ( پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھيد ڪمال راھمون جي 38 ورسي ترقي پسند ھائوس حيدرآباد م سنڌ ترقي پسند پارٽي  جي وائيس چيئرمين حيدرشاھاڻي جي صدارت ۾ ملھائي وئي . ورسي جي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدرشاھاڻي چيو ته  شھيد ڪمال راھمون سنڌ جو ھڪ بھادر فرزند ھو ھن پنھنجي سڄي زندگي وطن جي قومي جدوجھد جي لاءِ پاڻ ارپي. ھن پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي پنھنجي ساٿي ڊاڪٽر قادر مگسي جي زندگي بچائي ھن وڌيڪ چيو ته  ھن وقت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. جنھن جي لاءِ نگران حڪومت ۾ غيرقانوني ۽ غيرآئيني طريقي سان ارسا جي قانون ۾ تبديلي ڪري ارسا ۾ صوبن جي نمائندن جي حيثيت ختم ڪئي وئي فرد واحد ارسا جي چيئرمين کي سمورا اختيار ڏنا ويا آھن جيڪا سراسر صوبن سان ناانصافي آھي. جڏھن ته  سي سي آئي جو ادارو موجود آھي پر ان کي بہ پاسي تي رکي آرڊينيس جاري ڪيو ويو جنھن کي سنڌ مڪمل رد ڪري ٿي. هن چيو ته  عيد کانپوءِ ارسا جي ايڪٽ ۾ غيرقانوني ترميم جي خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي ، قادرچنا، ھوت خان گاڏھي ، ڄام شوڪت ابڙو، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، جان محمد جوڻيجو،  ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.