داد لغاري (رپورٽ:رانجهن لغاري)داد لغاري ۾ 4 ڏينھن اڳ نائين ڪلاس جي شاگردياڻي ماجدا لغاري ڌي رمضان لغاري ۽ برادري جي نوجوان دادن پٽ عزيز لغاري جي پسند جي پرڻي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي جڏھن ته ناري ماجدا لغاري جي وارثن پريمي دادن لغاري جي گھر تي ڪاھ ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارن تي لٺين ۽ ڏنڊن سان سخت تشدد ڪري بندوق جا سڌا فائر ڪري ھڪ ڄڻي اسحاق لغاري کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏھن ته اطلاع تي داد لغاري پوليس پھجي زخمي اسحاق لغاري کي ميڊيڪل ليٽر ڏيئي علاج لا۽ موڪلي ڇڏيو آھي ان موقعي تي متاثر ڌر جي محمودلغاري ۽ مٺو لغاري ۽ ٻين ٻڌايو تھ اسان جو پريمي نوجوان دادن لغاري سان واسطو نه آھي ان باوجود به ناري جا وارث جاويد لغاري ، ظفر لغاري ۽ رمضان لغاري وارا سان جي گھرن تي روزانو ڪاھ ڪري حملا ڪن ٿا ۽ اسان جي عورتن تي سخت تشدد ڪن ٿا ھنن ته اڄ ٻيھر حملو ڪري اسان جي عورتن تي لٺين سان تشدد ڪيوويو ۽ بندوق جا فائر ڪري اسان جي نوجوان اسحاق لغاري کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو جيڪو ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل آھي ھنن آئي جي سنڌ ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ ايس ايڇ او داد لغاري کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪرايو وڃي ٻي طرف پر يميڪا ماجدا لغاري جي وارثن جو چوڻ آھي هنن اسان جي ننڍي عمر جي ناري ماجدا لغاري کي اغوا ڪري گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آھي ۽ الٽو اسان تي گھرن تي حملي ڪرڻ جا الزام ڏيئي بدنام ڪيو پيو وڃي ٻي طرف داد لغاري پوليس جو چوڻ آھي ته پسند جي پرڻي تان مامرو پيش آيو آھي، جوڙي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آھي ٻيھر ڪورٽ ۾ ڌرين کي ۽ جوڙي کي پيش ڪرڻ لا۽ ڪوشش ڪري رھيا آھيون