ڪوٽڏيجي (رپورٽ:ثناءُ الله بگٽي) ڪوٽڏيجي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي ناجائزين خلاف شهرين ۽ ٽرانسپورٽرن جو ڪوٽ بنگلو ۽ چونڊڪو روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي مظاهرين بندل مري، ارشاد گوپانگ، منٺار بگٽي ۽ ٻين چيو ته گذريل رات بنگل مري جي دفتر جا تالا ٽوڙي موٽر سائيڪل چوري ڪاهي ويا اسان جي دفتر ڀرسان بااثر فوجي لغاري جو دفتر آهي جتي چوڪيدار مقرر آهي جنهن کان موٽر سائيڪل جي چوري بابت پڇا ڪئي ته اسان سان وڙهڻ پيو اچي اسان پوليس کي اطلاع ڏنو جنهن کان پوءِ چوڪيدار مسجد جي واش روم مان موٽر سائيڪل ڪڍي ڏنو جنهن کي اسان پڪڙي ون فائي انچارج ڪامران وساڻ حوالي ڪيو جنهن ڪيس داخل ڪرڻ بدران پئسا وٺي پڪڙيل چور کي ڇڏي ڏنو آهي پوليس اهلڪار ڪامران وساڻ چورن جو ساٿاري آهي جنهن ڪري ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي 5 ڏينهن اڳ هڪ ئي مارڪيٽ مان ارشاد گوپانگ جي دڪان جا تالا ٽوڙي 36 هزار روڪ، منٺار بگٽي جي دڪان جا تالا ٽوڙي گهر جي تعمير لاءِ ملندڙ قسط جي پوري رقم ۽ مسجد مان بيٽري، عاطف ڪانڌڙو جي پاڻي وارو موٽر چوري ڪري ويا پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو ٻن ڪلاڪن بعد ڪوٽڏيجي ٿاڻي جو وڏو منشي الطاف رند مظاهرين وٽ پهچي ڳالهيون ڪري پوليس پاران ڇڏيل چور کي ٻيهر گرفتار ڪري دڪانن مان چوري ٿيل رقم واپس ڪرايو ويندو اهڙي يقين ڌياني بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪيو