شير افضل پاران پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ اڳواڻن جون اڻ وڻندڙ وڊيوز هئڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ شير افضل مروت اڳوڻي صدر عارف علوي، پارٽي ڇڏيندڙن جي وڊيوز ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ڪرپشن بابت انڪشاف ڪندي چيو آهي ته عمران خان کي شروع ۾ پنهنجي اڳوڻي ساٿين جي وڃڻ جو ڏک ٿيو هو، کيس اسد عمر، فواد چوڌري، پرويز خٽڪ ۽ محمود خان مان ڪا به اميد نه هئي ته اهي ماڻهو هليا ويندا. خان  انهن ماڻهن کي ڪڏهن به معاف نٿو ڪري سگهي ڇو ته هنن ٻين لاءِ رستو هموار ڪيو. يوٽيوب تي صحافي مبشر لقمان کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته مان ان ڳالهه جي تصديق ڪريان ٿو ته جيڪي به اسان کي ڇڏي ويا انهن مان اڪثر ماڻهن کي وڊيو ثبوتن وسيلي بليڪ ميل ڪري کين تباهه ڪيو ويو. ڪجهه ماڻهن پنهنجي خانداني لاڳاپن کي بچائڻ لاءِ اخلاقي طور ٻي ڌر کي ترجيح ڏني. هن چيو ته دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪيتريون ئي وڊيوز ان دور ۾ ٺاهيون ويون، جڏهن پي ٽي آءِ اقتدار ۾ هئي ۽ انهن مان اڪثر جنرل فيض حميد جون هيون. شير افضل چيو ته جڏهن وڊيوز سامهون آيون ته اهو جنرل فيض جو دور هو، پوءِ اها سوچ تبديل ٿي وئي ته هو پي ٽي آءِ جو خيرخواهه آهي.  هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عثمان بوزدار پي ٽي آءِ جو اڳواڻ نه هو، سندس قد ڪاٺ ۽ سياسي بصيرت هجي ها ته ليڊر نه بڻجي ها؟ هڪ سوال جي جواب ۾ شير افضل مروت چيو ته ”مان  عارف علوي جي موضوع تي ڪيترائي ڀيرا خان سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪو آهيان، ان  مان اهو نتيجو ڪڍي سگهان ٿو ته عارف علوي به خان جي اکين ۾ پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي، گهڻو وقت اڳ جڏهن هو حج تي ويو ته ان  جو فائدو وٺي پي ٽي ايم جي حڪومت ان وقت جي وقتي صدر اهڙو قانون منظور ڪرايو جنهن جو ڏک اسان اڄ تائين ڀوڳيندا رهيا آهيون. هن چيو ته هن پنهنجو سڀ کان وڏو اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ وارو فرض ادا نه ڪيو ۽ پنهنجي عهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ لکيو هو. هن پاڪستان، ان جي آئين ۽ ان کان علاوه تحريڪ انصاف سان به ناانصافي ڪئي. ان کان وڏي ڪا به عقلي بي ايماني نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ان کانپوءِ جڏهن خان سان ملاقات ٿي ته هن عارف علوي سان انتهائي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ گذريل حڪومت دوران وڏي ڪرپشن ڪئي وئي، اهڙا ماڻهو آهن، جن پرويز خٽڪ کان به وڌيڪ پيسا ڪمايا آهن، ماڻهو ارب نه کرب پتي ٿي ويا آهن محمود خان مائننگ جي شعبي اڄ به روزانو 25 لک رپيا ڪمائي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.