اوڏيري لال ۾ باگڙي برادري جو ڪراچي پوليس خلاف ڌرڻو

اوڏيرولال(ن ع آ) اوڏيرولال لڳ پير عامر غوث جي رهواسي باگڙي برادري جو  ڪراچي پوليس خلاف ميرداس،  تارو، شانتي، رام پياري، وسند \  باگڙي، لالو مل، جي رام باگڙي جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ مردن پريس ڪلب اڳيان احتجاج مظاهرو ڪندي ڪراچي پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪندي چيو ته 19 ڏينهن اڳ ڪراچي جي ٿاڻي شاهراه نورجهان جي حد  ناگن چورنگي ۾ ننڍ ۾ ستل اشوڪ، لعل باگڙي، شري رام، ڀلي رام ۽ ٻين مٿان گاڏي چاڙهي کين چيڀاٽي ماري ڇڏيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 4 ڀاتي فوت ٿي ويا هئا ۽ 2 زخمي ٿيا هئا،پوليس جوابدارن سان ملي ڪري من پسند ايف آئي آر داخل ڪئي آهي جنهن ايف آءِ آر کي اسان تسليم نٿا ڪيون ۽ پوليس جي جاچ مان اسين مطمئن ناهيون، شاهراه جهان ٿاڻي جي پوليس اسان جي هڪ ئي خاندان جي چئن گهر ڀاتين جا خون لوڙهڻ چاهي ٿي. اسان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آ جي سنڌ پوليس، وزير اعلي سنڌ سميت اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ٽن ڏينهن بعد نيشنل هاءِ بلاڪ ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.