ملڪ ۾ مھانگائي عام ماڻھو جو وقت گھڻو ڏکيو ڪري ڇڏيو آھي.وقت گذرڻ سان گڏ ھڪ عام ماڻھو جيڪو ڪجهھ ڪمائي ٿو ان جي ڀيٽ ۾ ھن جو خرچ وڌي ويو آھي.ڳڻپ کاتي سڄي ملڪ ۾ مزدورن جي ڏھاڙي بابت انگ اکر جاري ڪيا آهن جنهن موجب ملڪ ۾ پورھيت سراسري طور 1134 رپيا ڏھاڙي ڪمائي ٿو.ملڪ ۾ مزدور جي سڀ کان وڌيڪ ڏهاڙي 1500 رپيا اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڏني وڃي ٿي ۽ سڀ کان گهٽ ڏھاڙي لاڙڪاڻي ۾ 800 رپيا ملي ٿي.ڪراچي ۾ ڏھاڙي اجرت 1441 رپيا، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد ۾ 1200 رپيا، پشاور ۾ 1000 رپيا،بهاولپور ۽ ملتان ۾ 932 رپيا آهي.انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سڄي ملڪ ۾ هڪ پينٽر جي سراسري ڏھاڙي 1601 رپيا پلمبر جي 1659 رپيا ۽ مستري جي1831 رپيا ڪمائي آھي.
جيتوڻيڪ مٿي ڄاڻايل انگ اکر موجب سڀني کي اھا ڏھاڙي نٿي ملي،پر گڏ ڪيل انگن اکرن سان انھن جي مجموعي حالت جو ھڪ اندازو ٿئي ٿو.جنھن جو مطلب اھو ٿيو تھ ڪو پورھيت ڪيترو بھ پنھنجي ڪم ۾ ماھر ھجي پر اھو وڌ ۾ وڌ ھڪ مھيني60 ھزار رپيا بھ نٿو ڪمائي سگھي. جنھن سان اھو سمجھڻ ڏکيو نھ آھي تھ ھڪ عام ماڻھو ڪھڙي طرح پنھنجي حياتيءِ گھاري سگھي ٿو،جيڪا يقينن مشڪل آھي.
ملڪ ۾ مھانگائي سبب ڀاڄيون، داليون، گوشت ۽ ميوا غريبن عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن.لاهور ۾ بصر 200 رپيا، ٽماٽو 150 رپيا، ادرڪ ۽ ٿوم 600 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. ڪيلا ۽ زيتون 190 رپيا ۽ ھنداڻو 200 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيا آهن. عام طور تي اگهھ پار جا انگ اکر وڏن شھرن جا سامھون اچن ٿا.جنھن ڪري ٻھراڙين جي علائقن ۾ مھانگائي جي درست صورتحال ظاھر نھ ٿيندي آھي پر ھڪ ڳالھھ يقيني آھي تھ انھن علائقن ۾ مھانگائي وڌيڪ ھوندي آھي.
ڪراچي جي عوام حڪومت پاران جاري ڪيل ريٽ لسٽ موجب سامان نه ملڻ جون شڪايتون ڪيون آهن، شهري عيد لاءِ نوان ڪپڙا خريد ڪرڻ جو خيال ڪري ئي ڳڻتي ۾ پئجي ٿا وڃن. نئين آيل حڪومت تاحال ڪي بھ اھڙا قدم ناھن کنيا آھن،جن مان اندازو ٿئي تھ ھڪ وقت کان عوام جي مٿان پيل اضافي مالي بار گھٽ ڪرڻ جي ڪا رٿا جوڙي وئي آھي.عام ماڻھو کي ھر جمھوري حڪومت جيان ھن حڪومت مان بھ اميد آھي تھ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کنيا ويندا.
ملڪ ۾ اھڙو نظام ھئڻ گھرجي جنھن سان حڪومت غريبن تان مالي بار گھٽائڻ ۽ عوامي سطح تي خرچ ٿيندڙ رقم جو فائدو سمورن شھرين کي پھچي. ان جي جوڙجڪ اهڙي طرح ھجي جو اشرافيه طبقي کان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري، گهٽ آمدني ۽ غريبن تي وڌيڪ رقم خرچ ڪيو وڃي. اها غريب ترتيب ئي جمهوريت جو روح آهي. ان معاشي انصاف ۾ دولت جي برابر جي ورڇ کان سواءِ سماج جي نسبتاً ڪمزور طبقن، جهڙوڪ عورتن، ٻارن، اقليتن، معذورن ۽ بيروزگارن جو به خيال رکيو وڃي. پر اسان جي پاليسي ۾ اھي عنصر نظر نٿا اچن.ان باوجود اسين جمهوريت جو راڳ آلاپيندا رھون ٿا.
بدقسمتيءَ سان پاڪستان جون حڪومتون عوام کان گڏ رقم ڪيل کي پنهنجي عياشي تي خرچ ڪنديون رهن ٿيون. اھڙين ظالماڻي نظامن ۽ پاليسين سان امير وڌيڪ امير ۽ غريب وڌيڪ ٿيندو رھي ٿو.جنھن ڪري وڌندڙ معاشي اڻبرابري سماجي مسئلن کي جنم ڏئي رهي آهي. اسان جا ماھر هڪ طرف ٽيڪس نظام کي بهتر ڪرڻ جي ڳالھھ ڪن پيا، مالياتي خسارو گهٽائڻ لاءِ جو ورد بھ ڪن ٿا ته ٻئي طرف اهي ميرن کي ڇوٽ ڏين ٿا.ان نظام ۾ موجود خامين کي دور ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي تيار ڪرڻ جي نھ خواهش رکن ٿا ۽ نھ ئي انھن جي خواھش آھي.
ھڪ ڀيرو وري پاڪستان عالمي اداري سان ڳالھيون ڪري قرض جي قسط وصول ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھي،ماھر چون ٿا تھ ان کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نھ آھي،جنھن مان اھو صاف ظاھر آھي تھ اهو بار عام ماڻھو تي پوندو.ٻئي پاسي زميني حقيقت ھي آھي تھ عوام ۾ ھاڻي سھپ نھ ھئڻ برابر آھي.ھاڻي بھ عوام مٿان مھانگائي جي تلوار ڪيرائي وئي تھ پوءِ ھن وقت جاري خطرناڪ مھانگائي غريب ۽ امير وچ ۾ وڇوٽي کي وڌيڪ وڌائيندي.جنھن سان سياسي سماجي مسئلا وڌندا.جڏهن ته سول، ملٽري، عدليه ۽ سياسي خاندانن تي ٻڌل اشرافيه جو طبقو مالي بار کان اڳي جيان آجو رھندو. مهذب ملڪن ۾ ان کان وڏو ڪو ڏوھ ناهي. هن وقت ملڪ جي معاشي بقا صرف آءِ ايم ايف کان حاصل ڪيل مالي امداد ۽ قرضن ٻڌل آهي. اسان جا معاشي ماھر دولت جي پيداوار يا ٽيڪس جي وصولي نھ پر رڳو قرض حاصل ڪرڻ کي واحد ڪاميابي سمجهن ٿا.
ملڪ ۾ ڊگھي مدي وارين رٿائن جو ممڪن آھي تھ فائدو ٿئي پر ان ۾ وقت لڳي ويندو،جڏھن تھ ھن عام ماڻھو فوري طور تي رليف چاھي ٿو.ملڪ ۾ ھر شيءِ جي وڌندڙ قيمت ۽ اگھه عوام جي بجيٽ کي اڳ ۾ ئي آئوٽ ڪري ڇڏيو آھي.جيڪي عام ڪم حڪومت کي ڪرڻ گھرجن، اھي بھ عملي طور تي ٿيندي نظر نٿا اچن،جنھن ۾ ھر علائقي ۾ لاڳاپيل کاتن جا عملدار واپارين پاران ھٿ سان پئدا ڪيل مھانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ عملي طور تي ميدان ۾ اچن ۽ واپارين سميت سياسي سماجي ڌرين سان لهھ وچڙ ڪري ھڪ عوام دوست ماحول جوڙين ۽ عوام جو خيال ڪندي قيمتن تي ضابطو آڻين،ذخيرو ڪندڙ مافيائين خلاف بنا رعايت جي ڪارروائي ڪن تھ ان جو بھ تڪڙو مثبت نتيجو نڪري سگھي ٿو.
سنڌ جي وڏي وزير سميت چيف سيڪريٽري ۽ اگھن پارن تي ڪنٽرول ڪندڙ ادارن کي گذارش ڪجي ٿي تھ ھن حساس نوعيت جي سماجي پاسي ڏانھن مڪمل ڌيان ڏئي ڪري ان جي جاچ جي نظام کي سخت ڪيو وڃي تھ ان سان عوام کي فوري رليف ملي سگھي ٿو.
ھن ڀلاري مھيني ۾ عوام عبادت ڏانھن ڌيان ڏيڻ بجاءِ وڌندڙ مھانگائي سبب گھڻو ڳڻتي ۾ ورتل آھي،جنھن ڪري ھو ذھني دٻاءِ جو شڪار آھي.اميد ڪجي ٿي تھ حڪومت ھن معاملي ڏانھن گھربل ڌيان ڏئي عوام کي رليف مھيا ڪندي.