پيرس ڪميون جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب

تحرير: گل محمد منگي

18مارچ 1871 جي صبح پيرس جي ماڻھن جي اک کلي ته  انھن جي ڪنـن ۾ ”ڪميون زندھ آباد جا نعرا ٻري رھيا ھئاـ“ جديد دور جو پھريون ڪميونسٽ انقلاب برپا ٿي چڪو ھو ۽ ان جو ثمر ماڻھن تائين پھچڻ شروع ٿي ويوـ سڄي دنيا جا کاٻي ڌر جا ڪارڪن ۽ فلسفي ھڪ ئي جھٽڪي سان سرمائيدارن جي ان طعني مان نڪري چڪا ھيا ته هو عينيت پرست آھن ڇو ته ھنن وٽ پنھنجو اھو نظام عملي طور دنيا جي ڪنھن خطي ۾ ڪنھن کي ڏيکارڻ لاءِ  موجود نه ھو پر اڄ پيرس جي آزادي پسند انقلابين ھنن جو ڪـنڌ فخر وچان اوچو ڪري ڇڏيو ھوـ پيرس ڪميون سڄي دنيا جي انقلابين کي نه صرف "متبادل ڪميون نظام ڏنو پر ان سان گڏ "انقلاب زنده آباد” جو نعرو ۽ "انٽرنيشنل جو ترانو” به ڏنوـ ايترو ئي نه پر ڪارل مارڪس به ڏنو جيڪو خود پيرس ڪميون جي پيداوار آھي،  پر افسوس جو ڪنھن ھڪ به مارڪسوادي ھن عظيم انقلاب ۾ حصو نه ورتوـ مارڪس پيرس ۾ رھائش پذير پنھنجي نـياڻي لارا مارڪس ۽ ناٺي پال ليفارگ سان گڏ پيرس جي مارڪسسٽن کي خط لکيو ته "افسوس ايڏو وڏو انقلاب اوھان جي مٿي تان گذري ويو پر اوھان کي خبر ئي نه پئي !”

فيبروري 1871ع ۾ جرمني ھٿان فرانس جي بدترين شڪست جي نتيجي ۾ ٿيئرس کي فرانس جو حڪمران بڻايو ويو جنھن جرمني جا سمورا شرمناڪ شرط مڃيا نتيجي ۾ پوري فرانس ۾ مايوسي ۽ ڳڻتي جي لھر ڦھلجي وئي ـ صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي ـ ھڪ شرط اھو به ھيو ته فرانسيسي فوج تي ھٿيار رکڻ تي پابندي وڌي وئي ـ ان جي نتيجي ۾ نيشنل گارڊز کي ھٿيار رکڻ جي اجازت ملي جنھن سان پيرس جي انقلابين جا اڳواٽ ئي ويجھا رابطا ھئاـ

پيرس جا انقلابي خاص طور تي فرسٽ ڪميونسٽ انٽرنيشنل جا ڪارڪن صورتحال تي ڪافي فڪرمند ھئاـ جنگ جي نتيجي ۾ فرانس ۾ ھڪ طرف بک ۽ بدحالي ھئي ته  ٻئي طرف شڪست جي ڪري ماڻھون اعتماد وڃائي ويٺا هئاـ اھڙين حالتن جديد دور جي پھرين ڪميونسٽ انقلاب کي جنم ڏنوـ انقلاب جي تياري زور شور سان جاري ھئي ۽ ان مقصد لاءِ  روزانو پيرس جي ھڪ انقلابي  ايلائيس ريڪلس ۽ ان جي ڀاءُ ونسليم ريڪلس جي گھرن تي گڏجاڻيون ٿينديون رھيون ۽ پھريون ڀيرو  ٻنھي انارڪسٽ ڀائرن ۽ پيرس جي انقلابي عورتن جي مطالبي تي عورتن جي آزادي ۽ برابري جي پڌرنامي جو اعلان ڪيو ويو جنھن مطابق انقلاب کان پوءِ  عورتن کي اھي ساڳيا حق حاصل ھوندا جيڪي مردن کي حاصل آھن ـ

ان جي نتيجي ۾ عورتن جي ھڪ ڌار ويڙھاڪ برگيڊ ٺاھي وئي جنھن جي ڪمانڊر طور ھڪ انقلابي عورت ليوئس مشعل جي چونڊ ڪئي وئي ـ جيڪا اڳتي ھلي "پيرس ڪميون” ۾ ھر محاذ تي نه صرف وڙھي پر مھڙ وارو ڪردار به ادا ڪيوـ

جيتوڻيڪ پيرس ڪميون صرف 72-ڏينھن تائين برقرار رھيو پر ان مختصر عرصي دوران سڄي دنيا جي کاٻي ڌر جي ڪارڪنن کي ھڪ اھڙو متبادل نظام ملي ويو جنھن کي دنيا "انارڪسٽ سماج يا ڪميونسٽ معاشرو” چوي ٿي ـ ڪارل مارڪس پنھنجي ڪتاب "فرانس جي گھرو ويڙھ” ۾ وڏي فخر سان لکيو ته ڪميون پاران مسلسل حملن جي باوجود "مستقل فوج” جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو جيڪو ھڪ ڪميونسٽ سماج جو لازمي جز آھي ـ

انھن 72-ڏينھن ۾ ھن عظيم انقلاب کي بچائڻ لاءِ  پيرس ڪميون جي جوڌن فرانسيسي فوج تي زوردار حملا به ڪيا پر کين ڪاميابي نه ملي ـ نيشنل گارڊز کي غير مسلح ڪرڻ لاءِ  اڊولف ٿيئرس ٻن فوجي جرنيلن کي سپاھين سميت موڪليو جن کي نيشنل گارڊز ماري ڇڏيوـ ان بعد جرمني جي فوج جيڪا پيرس ٻاھران موجود ھئي ان جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ڪندي پيرس جو گھيراءُ ڪيوـ نه صرف ايترو پر جرمني جن فرينچ فوجين کي قيد ڪيو ھو انھن سڀني کي آزاد ڪري انقلابين کي ڪچلڻ لاءِ  پيرس ويجھو پھچايوـ

جڏھن ته ڪميون کان خوف ۾ ورتل رياستن برطانيا، پولينڊ، روس ۽ آسٽريليا ۽ يورپ جي ٻين قوتن پڻ فرانس جي حڪمران طبقن جي ڀرپور مدد ڪئي ـ ان صورتحال سبب انقلابين پنھنجي کاٻي ڌر جي ساٿين کان مدد گھري پر مارڪسوادين جي پاران کين کتو جواب مليوـ ڪارل مارڪس پڻ پنھنجي ڪتاب "فرانس جي گھرو ويڙھ” ۾ پيرس ڪميون جي ناڪامي جا سبب ٻڌائيندي لکيو آھي ته ڪميون جي ناڪامي جو ھڪ سبب پنھنجي ساٿين کان مدد نه ملڻ به ھيو! مارڪسٽن جي کتي جواب کانپوءِ  پيرس ڪميون جي انقلابين اڪيلي سر وڙھڻ جو فيصلو ڪيوـ پھرين مرحلي ۾ وارسائي فوج کي شھر اندر گھڙي قبضو ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪامي ٿي ـ پر پوءِ  ڪنھن پنھنجي ماڻھون دشمنن وٽ ان ڪمزور ھنڌ جي نشاندھي ڪري ڇڏي جتان ڪميون جي دشمنن  کي شھر اندر گھڙڻ جو موقعو مليوـ اھڙين جنگي ۽ خوفناڪ حالتن جي ھوندي به ڪميون جي پاران 26-مارچ 1871ع تي مڪاني چونڊون ڪرايون ويون جنھن ۾ دنيا جي تاريخ ۾ پھرين ڀيرو عورتن کي نه صرف ووٽ جو حق ڏنو ويو پر ان سان گڏ عورتن اليڪشن ۾ حصو به ورتو ۽ ڪاميابي به ماڻي ـ ان جونتيجو اھو نڪتو جو عورتن جو ھڪ وڏو تعداد ھن عظيم انقلاب کي بچائڻ لاءِ  عورتن جي برگيڊ ۾ شامل ٿي ويو جن اڳتي ھلي پيرس تي انقلابين جي قبضي کي مضبوط ڪرڻ ۽ ھن عظيم انقلاب کي بچائڻ لاءِ  پنھـنجي جانين جا نظرانا پيش ڪياـ

پيرس ڪميون جي انقلابين دنيا جي تاريخ ۾ اھي ڪارناما سرانجام ڏنا جو پوري دنيا ان کي انارڪسٽ يا ڪميونسٽ سماج تسليم ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي ـ انھن انقلابي اپائن ۾ جڳھن جا ڪرايا ختم ڪرڻ، ٻارڙن جي پورھيو ڪرڻ تي پابندي، بيڪرين ۾ رات جي مزدوري تي پابندي، غير شادي شدھ مردن توڙي عورتن جي وارثن ۽ مارجي ويل نيشنل گارڊز جي وارثن لاءِ  پينشن، پيداواري ذريعن ۽ اوزارن جي مفت فراھمي، ڪاروبار جو حق ملڪيت محنت ڪشن جي حوالي ڪرڻ، مزدورن تي مالڪن پاران مڙھيل ڏنڊ ختم ڪرڻ ۽ سڀ کان اھم اھو ته  چرچ کي رياست کان مڪمل طور تي ڌار ڪرڻ جھڙا قدم شامل آھن ـ اھي سمورا اعلان فرد واحد بجاءِ ڪميون جي پاران ڪيا وياـ

خوني ھفتو: 21- مئي 1871ع تي پيرس جي ڏکڻ-اولهھ طرف کان حملو ڪيو ويوـ اھو حملو جاسوسن جي نشاندھي تي ڪيو ويو جو شھر جي ان حصي طرف انقلابي ويڙھاڪ خطرو نه ھجڻ سبب موجود نه ھياـ اھا ڇتي ويڙھ پورو ھفتو ھلي جنھن ۾ ھزارين انقلابي عورتن ۽ مردن سر تري تي رکي مقابلو ڪيو ۽ قرباني جا اھڙا شاندار مثال پيش ڪيا جو ڪارل مارڪس کي به مجبور ٿي اھو لکڻو پيو ته "دنيا جي تاريخ ۾ ھن کان اڳ عورتن جي قربانين جو اھڙو مثال ڪو نه ٿو ملي ـ ان خوني ھفتي ۾ لڳ ڀڳ 20-ھزار انقلابي ڪارڪن مارجي ويا ۽ ھزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪري فرانس کان ڪوھين ڏور نيو ڪلدونيا ٻيٽ ۾ سزا ڪاٽڻ لاءِ  قيد ڪيو جن ۾ عورتن جي برگيڊ جي ڪمانڊر ليوئس مشعل به شامل ھئي ـ

جنھن لاءِ  ايما گولڊ مين چيو ته "ھاڻي مان ان کي انارڪسٽ مڃينديس جيڪو ليوئس مشعل جيترو تشدد برداشت ڪندو”ـ پيرس ڪميون تي ھن مھل تائين ھڪ لک کان مٿي ڪتاب ڇپجي چڪا آھن جنھن ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم ڪمانڊر ليوئس مشعل جي آتم ڪٿا "ريڊ ورجن” شامل آھي جيڪا پيرس ڪميون جو اکين ڏٺو احوال آھي ـ ريڊ ورجن ايترو ته مقبول آھي جو ان جي اشاعت کان پوءِ  ليوئس تي نالو ئي "ريڊ ورجن” پئجي ويوـ پيرس ڪميون تي ھن مھل تائين ھڪ ھزار کان وڌيڪ فلمون’ ڊراما ۽ ٿيٽر ٿي چڪا آھن ۽ اڄ به لکجي ۽ ٺھي رھيا آھن ـ  خاص طور تي بالشويڪ انقلاب جي رد ٿيڻ کان پوءِ  ته ليفٽ جي ڪارڪنن وٽ پيرس ڪميون کانسواءِ  ڪجھه  به نه  رھيو  آھي ـ

پيرس ڪميون جو شان اھو آھي ته جڏھن عظيم مفڪر ۽ ليکڪ وڪٽر ھيوگو فرانس جي پارليامنٽ جو ميمبر چونڊيو ته ھن پيرس ڪميون جي باندين جي سزا ختم ڪري انھن کي واپس فرانس موٽڻ جي اجازت ڏيڻ جو ٺھراءَ پارليامنٽ ۾ پيش ڪيو ته اسي سيڪڙو ميمبرن نه صرف ٺھراءَ  جي حمايت ڪئي پر پنھنجي تقريرن ۾ اھو به چيو ته ھو پاڻ پيرس ڪميون ۾ شامل به ھياـ باقي رھيل ويهه سيڪڙو ميمبرن به ٺھراءَ جي مخالفت نه ڪئي نتيجي ۾ اھو ٺھراءَ  يڪراءِ منظور ٿي ويوـ ان کا به اھم ڳالھه اھا آھي ته ڪارل مارڪس جي پھريون ڀيرو اھا اڳڪٿي سچ ثابت ٿي ته ڪميونزم مخالف پيرس ڊاھي خوش نه ٿين جو جلد ڏھ ٻيا ڪميون ٺھندا ۽ پوءِ  "باوريا سوويتس ۽ ڏکڻ يوڪرين ۾ آزاد انارڪسٽ ڪميون” سميت پورا ڏھ ڪميون قائم ٿيا پر اوھان کي اھو  ٻڌي ضرور حيرت ٿيندي ته اھي ڏھ جا ڏھ ڪميون ولاديمير لينن برباد ڪري ڇڏياـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.