مضبوط مرڪز لاءِ صوبن کي خودمختيار بڻائڻ گهرجي

تحرير: رياض ابڙو 

اها ڳالھه  به سمجهون ٿا ته هيل وڏين وڏين سياسي پارٽين جي ڳالهائڻ ۾ لچڪ آئي آهي ۽ انهن جي روايتي ڊائيلاگ ۾ فرق ضرور آيو آهي. جنهن طريقي سان اهي صوبن جي ڳالھه  ڪندا هيا، اهي هاڻي نه ٿا ڪن. ٻي ڳالھه  اها به آهي ته وفاقي وزارتون گهٽائي ڪجھه وزارتون صوبن کي به ڏنيون اٿن ته جيئن صوبا راضي رهن ۽ ڪا گڙٻڙ نه ڪن. جنهن ۾ وڏي حيثيت رڳو پنجاب جي آهي اهي پاڻي تي ڌاڙا به هڻن ٿا ته اهي صنعتي ترقيون به ڪن ٿا ته اهي اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ گهڻا پيسا کڻي ٿا وڃن، يا ٺڳي اها به آهي ته صوبا کڻي پنهنجي ٻَل تي ڪمائن به يا جيڪي صنعتي ۽ زرعي يا سامونڊي واپار ڪن به پر جڏهن اين ايف سي ايوارڊ جي ڳالھه  ٿي اچي ته پنجاب آبادي جي ورڇ تي سڀني کان گهڻا پيسا هڙپي ٿو وڃي ۽ پوءِ به خوش ناهي.

اها ڳالھه  به آهي ته جنهن مڳي ۽ ديده دليري سان سياسي پارٽين 2010 ۾ ارڙهين ترميم ڪرائي هئي، يا جنهن طريقي ۽ اسپيڊ سان هنن 2008 کان 2023 تائين اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا ورڇيا، اهي تمام بهترين هيا ۽ صوبن کي پنهنجو پنهنجو حصو مليو مرڪز جي مضبوطي مان مراد ارڙهين ترميم ختم ڪرڻ يا آرٽيڪل 140 ته پڪي پڪي ڦيرڦار ڪرڻ به آهي ڇو ته اها ڳالھه  مرڪز کي نه ٿي وڻي ته صوبا خودمختيار هجن ۽ جيڪي به ڪم ٿين اهي مرڪز پنهنجي نگراني ۾ نه ڪرائي يا جيڪي ترقياتي ڪم ٿين انهن جي ”ايف ڊبليو او“ کي ملن، جيئن 2022 وارين بارشن ۾ عمران خان به جيڪي رڳو اعلان ڪري ويو هيو ۽ 1300 ارب روپيا ڪراچي کي رڳو ڳالهين ۾ ڏئي هليو ويو هيو پر ڪو به ڪم نه ٿي سگهيو ۽ وري جيڪي به نالن جي صفائي ٿي هئي اها به هنن ايف ڊبليو او کان ڪرائي هئي ان ڪري مرڪز پنهنجو ڪنٽرول مضبوط رکڻ ٿو چاهي.

حڪومت هاڻي پنجن کان ڏهن سالن جي لاءِ ڪجھه هدف مقرر ڪندي جنهن ۾ اهي زراعت، آءِ ٽي، صنعت، توانائي، خوراڪ ۽ لائيواسٽاڪ ۾ بهتري آڻي سگهي، ڳالھه  ڀلي آ پر زميني حقيقتون اهي آهن ته حڪومتي ادارا ڪجھه ڪري نه ٿا سگهن يا حڪومت سکڻيون صلاحون ڪري پنهنجا سال ڪڍي ٿي وڃي ۽ اربين روپيا قرض وٺي آءِ ايم ايف کان بيڪار صلاحون وٺي ڪم بگاڙي ٿي وڃي. هڪڙي ڳالھه  هن ڀيري ڀلي ڪئي اٿن ته آءِ ايم ايف هنن تي زور ڀريو آهي  ته ارڙهين ترميم تحت صوبن کي اين ايف ايوارڊ جي رقم گهٽائي اها رقم مرڪز کي ڏيو ته جيئن آءِ ايم ايف جي قرضن جو بار هلڪو ٿي سگهي ۽ اهي ساڳيا پيسا جيڪي هر چوٿين سال اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ صوبن کي ملن ٿا هاڻي نه ملن ۽ آرٽيڪل 140 تحت جيڪي به مرڪز جي طرفان اين ايف سي ايوارڊ جو رقمون دان ٿين ٿيون اهي هاڻي ضلعي حڪومتن کي سڌو ملن ۽ صوبا وچ ۾ نه اچن، پر ان ۾ گهڻي ۾ گهڻو نقصان پنجاب جو به آهي ته اهي جيڪي صوبائي نمائندا چونڊجي صوبائي اسيمبلين ۾ ويهن ٿا انهن جي پوءِ صوابديد ڪهڙي بيهندي يا اهي هاڻي چونڊن ۾ بيهن ئي نه ۽ ٿيڻ ته ائين کپي جو حڪومت سموري ملڪ مان ڊجيٽل پول ڪرائي ۽ انهن ان ڊجيٽل پول ۾ جيڪي به وڏا سياستدان آهن اهي پاڻ لهي پون ۽ ماڻهن کان پڇن ته ڀلا هيل توهان کي آصف زردراي کپي، نوازشريف کپي يا عمران خان پوءِ جيڪو به انهن 13 ڪروڙ رجسٽرڊ ووٽن مان مٿي ووٽ کڻي ان کي وزيراعظم ڪري رکن پوءِ صدارت ۽ گورنريءَ جا ڊراما نه ڪن ۽ پوءِ مرڪز جي مرضي آ ته اهي صوبن ۾ فنڊ ورهائڻ ۽ ضلعي حڪومتون به هلائن جي نه ته پوءِ ضلعي حڪومتون بيڪار آهن ۽ اهي سڀ ضلعا جڏهن انتظامي طور تي ڊي سي ۽ پوليس جي ايس پي کي ڏنل آهن ۽ اهي سڀ انتظام هلائن ٿا ته پوءِ صفائي سٿرائي وارو نظام به انهن ڊي سين جي حوالي.

جڏهن ته اين ايف سي ايوراڊ جا پيسا ڪو ايوارڊ يا انعام ناهن پر صوبن جي پنهنجي ٽيڪس جي ڪمائي آهي، جيڪا گڏي سڏي هن مرڪزي اڪائونٽ ۾ ڪرندي رهي ٿي ۽ چئن سالن کانپوءِ اهو ڏسندا آهن ته هاڻي جيڪي به پيسا جمع ٿيا آهن اهي صوبن ۾ تقسيم ڪيون يا ڪيئن تقسيم ڪيون، اها ٻي ڳالھه  آ ته رڳو پيپلزپارٽي جي دور کا وٺي معني 2008 کان 2023 تائين اين ايف سي ايوارڊ جا پيسا صوبن کي گهڻا مليا يا ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ 60 سيڪڙو تائين مليا جيڪي هاڻي مرڪز کي پسند ناهن. پر حقيقت ۾ اها پريڪٽس ئي غلط آهي، ڇو جو صوبن جون جيڪي به ڪمايون ٿين ٿيون، انهن تي مرڪز ڪجھه ٽيڪس لڳائي پنهنجو هدف يا ڪم پورو ڪري باقي جيڪي به معدني دولتن ۽ ٽيڪس جون ڪمايون آهن انهن صوبن جو پنهنجو حق آ ۽ اهو صوبن جو پنهنجو نصيب آهي، مثال سوئيءَ مان جيڪڏهن قدرتي گيس ٿي نڪري ته ان جي ڪمائي تي بلوچستان جو پنهنجو حق آ ته صوبا پهرين پنهنجي ڪمائي پاڻ کائن ۽ گهربل ٽيڪس جو ريشو مرڪز کي ڏين جيڪو به مالڪ پيسا سيڙائي ٿو اهو پهرين ان جو بَدلُ ۽ ڪمائي پاڻ ٿو کڻي يا بينڪ ۾ رکيل پيسا بينڪ جا ناهن هوندا، جيڪڏهن بينڪ ماڻهن جي انهن پيسن تي ڪمائيندي ته ان ماڻهوءَ کي ان جو انٽريسٽ به ته ضرور ملندو. ان ڪري صوبن جي ڪمائي جو پهريون حق صوبن جو آهي، ته اهي پنهنجي ڪمائي مان پهرين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪن، مثال انهن صوبن ۾ تعليم، صحت، پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي پهرين پورت ٿيڻ کپي پوءِ جيڪي پيسا مرڪز کي انهن پيسن يا ڪمائي جي عيوض کپن ته پوءِ کڻي. پر هتي ته نظام ئي ابتو آ، ڇو جو جيڪي پيسا ٽيڪس ۽ معدني سهولتن جي عيوض ڪمائجن ٿا انهن تي سڌو سنئون مرڪز جي حق ۽ مڳي آ ته پهرين مرڪز پيسا کڻندو ۽ جيڪي پيسا بچندا اهي صوبن کي موٽائي ڏيندا.

اين ايف سي ايوراڊ ۾ هڪ ٻي گڙٻڙ اها به آهي ته قدرتي طور تي صوبن وٽ معدني دولتون برابر جي ورڇ سان ناهن، اهي صوبا معدني دولتن سان برابر جا مالا مال ناهن، جيتري دولت بلوچستان ۾ آهي اوتري دولت ڪي پي ۾ ناهي، جيتري دولت سنڌ ۾ آهي جيتري ٽيڪس ڪليڪشن ۽ امپورٽس يا سامونڊي واپار هتي ٿو ٿئي اوترو پنجاب ۾ ناهي.

ان ڪري صوبن جو دولتون پهرين صوبن وٽ هجن. پر مرڪزيت جي ڪري اهي سڀ دولتون مرڪز ميڙي کڻي ٿو وڃي ۽ صوبن کي ڪجھه به نه ٿو ملي ان ڪري صوبن ۾ برابر جي ورڇ به نه ٿي ڪري سگهجي. ٿيڻ ته ائين کپندو هيو ته جيڪو صوبن جيترو ڪمائي اهو صوبو پهرين پاڻ کڻي ۽ ان ڪمايل دولت تي پوءِ مرڪز کي مٿڪي (ٽيڪس) ڀري ڏئي ۽ پر هتي نظام ابتو آ جو سوئي مان نڪتل گيس ۽ ڪوهلو مان نڪتل معدي دولتون، ريڪوڊڪ ۽ سينڊڪ مان نڪتل سون تي پهرين مرڪز جو حق آهي، اهي بلوچ ۽ سنڌي جن وٽ سامونڊي پٽي هجڻ جي ڪري بي تحاشا دولتون آهن، انهن جا پنهنجا ماڻهو بک ٿا مرن پر پنجاب صوبي جا ”سي ئي اوز“ يا جيڪي انهن ادارن جا جيڪي چيئرمين آهن، اهي لکين پگهارون ٿا کڻن ۽ عيش عشرت واري زندگي ٿا گذارين.

ايران بارڊر سان جتي لوڪل ماڻهو ڪاروبار ڪندا هيا، قانوني يا غير قانوني جيڪي به ڪم هلندا هيا، جيڪي به ايراني تيل چوري ڇُپي هتي ٽپائي ايندا هيا، اهي هاڻي ”اين ايل سي“ ٽائيپ ادارن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويا آهن. مثال جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪَتَلَ (کجورن) جي ٽرڪ به ايران مان ڪاهي ايندو يا اسمنگل ڪري چوري ڪري پاڪستان ۾ ٽپائي به ايندو ته ان کي بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اچڻ ته ڏيندا پر اهي عسڪري ادارن جا ماڻهو انهن کان ڳري ٽيڪس ضرور وٺندا. جيڪي کاڌي پيتي جون شيون يا جيڪي ڪنفيڪشنريءَ جون شيون سستي ۾ ٽپائي ايندا هيا انهن تي به هاڻي عسڪري ادارن جا ماڻهو هٿ جي ٽيڪس هڻي ويٺا آهن. انهن لوڪل ماڻهن کي اهي ڪم به نه ٿا ڪرڻ ڏين يا آساني سان نه ٿا ڪرڻ ڏين. ان ڪري اسان ته ساڳي ڳالھه  پئي ڪئي ته جيڪي دولتون صوبن جون آهن، اهي صوبن کي بخش ڪيون وڃن ۽ اهي اين ايف سي ايوارڊ جهڙي ٺڳيءَ جي ٺاھ ۾ نه آنديون وڃن. پر سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر هيل ”اين ايف سي“ ايوارڊ جي پيسن تي جيڪڏهن ڪو مرڪزي ڌاڙو به لڳي ٿو ته سڀ کان گهڻو نقصان پنجاب جو ٿيندو، ان ڪري ته مرڪز ته کڻي ئي کڻي، پر سڀ کان وڌيڪ حصو پنجاب کڻي ويندو آ جو هيل تائين پنجاب کي 60 سيڪڙو ملي ٿو ۽ ٻيون ٽيڪسون الڳ، ان ڪري جي اهي پيسا ڪنهن صورت بند ٿيا ته نقصان گهڻي ۾ گھڻو پنجاب جو پنهنجو هوندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.