پشاور( م ڊ) ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پاران ضمني چونڊ لاءِ ٽڪيٽ ڀاءُ کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، علي امين گنڊاپور پاران اين اي 44 ڊي آءِ خان تي ضمني چونڊ ۾ ڀاءُ کي لاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، هڪ وڊيو بيان ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ هو ته مون اين اي 44 ڊي آءِ خان جي سيٽ ڇڏي ڏني آهي، هن چيو ته عمران خان کيس پڇيو ته ڀاءُ کي ڪابينا ۾ ڪٿي ايڊجسٽ ڪري رهيو آهين، جنهن تي جواب ڏنو ته فيصل امين هاڻ چونڊ وڙهي ايم اين اي ٿيندو،هن چيو ته عمران خان کي اها خبر نه هئي ته منهنجو ڀاءُ ضمني چونڊ وڙهڻ وڃي پيو.