پاڪستان جي عروج لاءِ فوج جي ڪردار جي اهميت گهٽائي نه ٿي سگهجي: وزيراعظم

راولپنڊي(م ڊ)وزيراعظم شهباز شريف جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) راولپنڊي جو دورو ڪيو، جنهن ۾ کيس قومي سلامتي ۽ فوجي تيارين تي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب وزيراعظم شهباز شريف ڪابينا جي اهم ميمبرن سان گڏ جي ايڇ ڪيو جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير وزيراعظم شهباز شريف جو استقبال ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم شهباز شريف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن فوجي قيادت سان قومي سلامتي، علائقائي استحڪام ۽ فوجي تيارين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم ۽ ڪابينا ميمبرن کي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ دهشتگردي خلاف جاري آپريشنز تي بريفنگ ڏني وئي. آءِ ايس پي آر موجب وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو، جڏهن ته سول ۽ فوجي قيادت جي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري وسيلا فراهم ڪندي، پاڪستان جي پرامن عروج کي يقيني بڻائڻ لاءِ هٿياربند فوج جي ڪردار جي اهميت کي گهٽ نه ٿو سمجهي سگهجي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج قوم جي اميدن تي پورو لهندي رهندي، پاڪ فوج پاڪستان کي درپيش سڪيورٽي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.