اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پيٽرول اگهه برقرار رکيو پر ڊيزل سستو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزارت پيٽرول جي قيمت برقرار رکڻ جو فيصلو ڪندي ڊيزل جي قيمت ۾ 1 رپيا 77 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب گاسليٽ آئل جي قيمت ۾ 1 رپيا 35 پيسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2 رپيا 12 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت 279 رپيا 75 پئسا في ليٽر برقرار رهندي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 285 رپيا 56 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت موجب نوان اگهه 16 مارچ کان 31 مارچ تائين لاڳو ڪيا ويندا.