اسلام آباد (م ڊ ) قومي اسيمبلي مخالف ڌر جي گوڙ دوران 7 آرڊيننس ۾ واڌ جي قرارداد منظور ڪري ورتي.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي ايوان ۾ احتجاج ڪيو ۽ ڪاغذ ڦاڙي ڇڏيا.اسپيڪر سني اتحاد ڪائونسل جي اهڙي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مخالف ڌر کي انضباطي ڪارروائي جي خبردار ڪيو.هوڏانهن مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته اهي آرڊيننس پاڪستان کي تباهه ڪرڻ لاءِ آهن، آرڊيننس جي مدي ۾ واڌ واري قرارداد کي رد ڪري ڇڏيو.قرارداد پيش ڪندي قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو ته مخالف ڌر ڳالهائڻ کان اڳ آرڊيننس پڙهي وٺن، گذريل ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ کين گهر موڪليندي چيو ته کين ڪو به حق ناهي، هميشه ملڪ بدران قيدين جي پويان نه بيهڻ گهرجي، ان موقعي تي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته هو مخالف ڌر سان متفق آهن، آرڊيننس تي حڪومتون نه هلنديون آهن، ڏٺو وڃي ته گذريل ٽن دورن ۾ سڀ کان وڌيڪ صدارتي آرڊيننس ڪهڙي دور ۾ سامهون آيا؟، ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ غزه ۾ اسرائيلي بربريت جي مذمت جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته غزه ۾ جنگ بندي لاءِ عالمي برادري تي زور ڏنو وڃي.