وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي ملاقات

اسلام آباد( م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف  سان آمريڪي سفير  ڊونلڊ بلوم گذريل ڏينهن ملاقات ڪئي آهي،  وزيراعظم آفيس طرفان جاري  بيان موجب ملاقات ۾ ٻه طرفي ۽ علائقائي اهميت جي ڪيترن ئي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ غزه جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ پيش رفت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف آمريڪي سفير سان ڊاڪٽر عافيه جو معاملو به سختي سان اٿاريو، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن جي موجوده صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت معيشت کي مستحقم ڪرڻ لاءِ  ميڪرو اڪنامڪ سڌارن تي ڌيان ڏيندي. ايس آءِ ايف سي غيرملڪي سرمائيڪاري کي تيز ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ملاقات ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته آمريڪا پاڪستان کي اهم پارٽنر سمجهي ٿو، هن چيو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط لاڳاپن لاءِ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي اميد رکي ٿو.ٻئي طرف آمريڪي سفارتخاني جي ترجمان موجب ملاقات ۾ پاڪستان حڪومت سان ڀائيواري ۽ خطي جي سڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته آءِ ايم ايف ذريعي مسلسل معاشي سڌارن لاءِ آمريڪي سهڪار تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.