سفير نه پيو ٿيان، ڪيڏانهن نه ويندس، ملڪ م رهي مقابلو ڪندس: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد (م ڊ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آھي ته نه حڪومت کيس سفير ٿيڻ جي ڪا آڇ ڪئي آھي، نه  ئي ھو ڪو اھڙو عھدو قبول ڪندو. رٽائرڊ ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ ئي رھندي حالتن جو مقابلو  ڪندس. چيف اليڪشن ڪمشنر روس مان اينڪرپرسن جاويد چوڌري کي فون تي انٽرويو ڏيندي چيو ته ممڪن آھي ته پ پ يا مسلم ليگ (ن) پي ٽي آءِ جو مقابلو نه ڪري سگھن پر مان انھن جو مقابلو ڪندس.اليڪشن ڪمشنر چيو ته ھو جڏھن پيٽروليم جو سيڪرٽري ھو، تڏھن 2018 جي چونڊن ۾ عمر ايوب جي تڪ ۾ گئس پائپ لائن وڇائڻ واري ڪم جي ڪري رنڊڪ پئدا ٿي، جنھن تي ھن مون کي فون ڪري ڪم بند ڪرائي ڇڏيو ھو. هن چيو ته اليڪشن ڪمشنر ٿيڻ بعد عمران خان سان پھرين تڪرار سينيٽ اليڪشن ۾ ٿيو ھو، عمران خان چاھيو ٿي ته اليڪشن اوپن ڪئي وڃي پر قانون موجب اھا سيڪريٽ بيلٽ موجب ٿيڻي ھئي،  اسان قانون تي عمل ڪرايو، ان دوران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار مون کي گھرايو ھو، جتي به مون قانون تي عمل جي ڳالھ ڪئي ھئي، جنھن تي عمران خان وزيراعظم ھوندي پنھنجي سيڪريٽري اعظم خان ذريعي اڻ سڌو پيغام ڏياريو ھو ته اليڪشن ڪيمشن وارا سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي  اسان جي موقف خلاف نه وڃن، پر اسان قانون تي عمل ڪيو. هن چيو ته عمران خان جي دور ۾  مٿس قاتلاڻي حملي  جي سازش ٿي ھئي، مون کي ٻڌايو ويو ھو ته ٽاپ جا ٽي ماڻھو ان سازش ۾ شريڪ آھن، ان لاءِ احتياط ڪيان، ايتري تائين جو مون کي لاھور ۽ اسلام آباد وچ ۾ باءِ روڊ سفر ڪرڻ کان روڪيو ويو ھو. مون کي بيلٽ پروف گاڏي حاصل وٺڻ لاءِ چيو ويو ۽ گھرواريءَ لاءِ به رينجرز ڏني وئي ھئي پر مون اھا سڪيورٽي واپس ڪئي، ڌمڪين جو ثبوت ملڻ کانپوءِ مون بلٽ پروف گاڏي ۽ سڪيورٽي ورتي ھئي. سڪندر سلطان راجا جو چوڻ  ھو ته حمزه شھباز جي وڏي وزير ٿيڻ وقت 20 تڪن تي ننڍي چونڊ ٿي، جنھن مان 16 سيٽون پي ٽي آءِ کٽيون ھيون،  اهي سيٽون ڪئين مليون، انهيءَ  چونڊ جي غيرجابنداري جو شاھد اڳوڻو چيف جسٽس عمرعطا بنديال آھي. ھن چيو ته ھڪ رات مان جلد سمھي رھيس، صبح جو اٿڻ وقت خبر پئي ته عمرعطا بنديال جون 100ڪال آيون ھيون. صبح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايائين ته ڏکڻ پنجاب جي ھڪ سيٽ تي حمزه شھباز ڌانڌلي جو پروگرام جوڙيو آھي. مون جاچ ڪرڻ بعد کيس پڪ ڏياري ته اتي به ڪا ڌانڌلي نه ٿي سگھندي. چيف الڪيشن ڪمشنر چيو ته چيف سيڪريٽري آزاد ڪشمير ھوندي ن ليگ جي حڪومت ھئي، تڏھن اليڪشن جي موقعي تي ٽي وزير برجيس طاھر، پروزرشيد ۽ آصف ڪرماني آيا ، جن کي مون گرفتار ڪري واپس موڪليو ھو. ھن چيو ته کيس ٽيلويزن ذريعي خبر پئي ھئي ته مان چيف اليڪشن ڪمشنر ٿيو آھيان. مخصوص سيٽن جي بحران بابت ھن چيو ته ان جي ذميوار پي ٽي آءِ پاڻ آھي. ڇاڪاڻ جو ان پارٽي پنھنجي انٽرا پارٽي چونڊن لاءِ ھڪ خطرناڪ آئين تيار ڪيو. ان جي مقابلي ۾ ٻين جماعتن انٽرا پارٽي اليڪشن جو سسٽم سادو بڻايو آھي. ھن چيو ته اسين ڪوشش ڪريون ٿا ته  تحريڪ انصاف جي مدد ڪريون پر ڪا اھڙي گنجائش نٿي نڪري اھي پاڻ پنھنجين جي غلطين ۾ ڦاسي ٿا وڃن. بيلٽ جي نشان نه ملڻ بعد اسان لڳاتار ميٽنگ ڪندي ان جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن بعد اسان سمجھيو ته پي ٽي آءِ جا وڪيل ڪو رستو ڪڍي ڏيندا پر انھن به اھڙو ڪيس وڙھيو جو ھٿ سان ھارائي ويا، ان جو ذميوار علي ظفر هو. ھن چيو ته آزاد حيثيت سان ڪامياب ٿيندڙ تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي وڃن ھا، اھو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ وڃي ھا ته اتان کين ڪاميابي ملڻ جو امڪان ھو. ھنن ٻي غلطي اھا ڪئي ته اھڙي پارٽي ۾ شامل ٿين ھا، جنھن جي پارليامينٽ ۾ نمائندگي ھجي ھا ان سان مخصوص سيٽون ملي پئي سگھيو، پر هنن ھڪ اھڙي پارٽي ۾ شموليت ڪئي جنھن جو ڪو ميمبر ڪنھن به  اسيمبلي ۾ نه ھو، جنھن جي اڳواڻ پاڻ آزاد حيثيت ۾ کٽيو آھي. عمران خان کي ان پارٽي ۾ شامل ڪرڻ جو مشورو ڏيندڙ ئي ھن کي دوکو ڏنو آھي. ان ڪري کين پشاور ھاءِ ڪورٽ به رليف نه ڏنو، نٿو لڳي ته اڳيان به کين ڪا ڪاميابي ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.